غلام عباس چانڊيو

غلام عباس چانڊيو

چانڊيو غلام عباس

چانڊيو، غلام عباس: غلام عباس چانڊيو ڳوٺ ﷲ بخش چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ 1960ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو پ پ پ جو نامور سياستدان ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ جو اهم ڪردار رهيو آهي. غلام عباس، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. سندس خانداني طور سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان رهي. هن 1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (M.R.D) ۾ ڀرپور حصو ورتو. آسپاس جي ڳوٺن جي مشاورت سان 9 آڪٽوبر 1983ع تي بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيائين. ايم. آر. ڊي دوران شھيد ٿيلن جي سوڳ ۾ هن وڏو جلوس ڪڍايو ۽ نيشنل هاءِ. وي تي شھيدن جي قرآن خواني ڪرائي. قرآن خوانيءَ دوران فوجين ماڻهن کي روڊ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، پر هنن انڪار ڪيو. نتيجي طور فوجين جي فائرنگ ۾ 16 بيگناھہ ڳوٺاڻا شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا، جن کي نوابشاھہ فوجي ڪئمپ ۾ رکيو ويو. سندس والد پنھل خان چانڊئي کي گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو. جنهن تشدد کان هو جانبر نہ ٿي سگهيو.
غلام عباس چانڊيو 1988ع دوران پ پ پ ضلعي نوابشاھہ جو صدر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي وزيراعظم هئڻ دوران سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار ٿيو. ان بعد 1990ع وارين چونڊن کان پوءِ ڄام صادق علي جي حڪومت دوران کيس جھاز اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1993ع جي اليڪشن مھم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.05  عيسوي

غلام عباس چانڊيو 1993ع جي اليڪشن مهم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد عمر لاکو
سوامي ڪيشوداس مهاراج
جسو ۽ جسراج
عبدالڪريم لوڌي
سيد بدرالدين
راشدي سليم
دوستو وسڪي
دائود مخدوم
حافظ محمد نونداڻي
انور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون