غلام عباس چانڊيو

غلام عباس چانڊيو

چانڊيو غلام عباس

چانڊيو، غلام عباس: غلام عباس چانڊيو ڳوٺ بخش چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ 1960ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو پ پ پ جو نامور سياستدان ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ جو اهم ڪردار رهيو آهي. غلام عباس، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. سندس خانداني طور سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان رهي. هن 1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (M.R.D) ۾ ڀرپور حصو ورتو. آسپاس جي ڳوٺن جي مشاورت سان 9 آڪٽوبر 1983ع تي بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيائين. ايم. آر. ڊي دوران شھيد ٿيلن جي سوڳ ۾ هن وڏو جلوس ڪڍايو ۽ نيشنل هاءِ. وي تي شھيدن جي قرآن خواني ڪرائي. قرآن خوانيءَ دوران فوجين ماڻهن کي روڊ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، پر هنن انڪار ڪيو. نتيجي طور فوجين جي فائرنگ ۾ 16 بيگناھہ ڳوٺاڻا شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا، جن کي نوابشاھہ فوجي ڪئمپ ۾ رکيو ويو. سندس والد پنھل خان چانڊئي کي گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو. جنهن تشدد کان هو جانبر نہ ٿي سگهيو.
غلام عباس چانڊيو 1988ع دوران پ پ پ ضلعي نوابشاھہ جو صدر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي وزيراعظم هئڻ دوران سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار ٿيو. ان بعد 1990ع وارين چونڊن کان پوءِ ڄام صادق علي جي حڪومت دوران کيس جھاز اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1993ع جي اليڪشن مھم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.05  عيسوي

غلام عباس چانڊيو 1993ع جي اليڪشن مهم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلڻ ڄام ڏاهري
دين محمد سيد
سنت ماڌو داس
حمر شيخ
شيخ الڀو ٺٽوي
امام علي مرزا ڊاڪٽر
علي روشن شيخ
ريکا
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
شيخ سليمان سيفي سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون