چانڊيو، ڀرڪيو شاهاڻي: ڀرڪيو شاهاڻي چانڊيو، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ بھادر سپاهي ٿي گذريو آهي. سندس تعلق مارفاڻي چانڊين سان هو. جوانيءَ ۾ وڏي بهادريءَ سان مرزا شاھہ حسن ارغون جي لشڪر سان ڇاپا مار جنگيون ڪيائين. جڏهن مرزا شاھہ حسن چانڊين کي عام معافي ڏيڻ جـو اعـلان ڪـيو ۽ پـاٽ جـي شـهـر ۾ صـلحنامـو ٿيـو تہ ڀرڪيي چانڊئي گوشي نشيني اختيار ڪري ڇڏي. گوشي نشينيءَ دوران عبدالله شاھہ گودڙئي جا مٽ وڃي ڀريندو هو ۽ خود بہ بزرگيءَ جو مرتبو ماڻيائين. ڀرڪيي شاهاڻيءَ وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪئي.