چانگو1: چانگو، اُٺ جو توصيفي نالو آهي. جيئن تہ اٺ کي ڊگهين ڄنگهن جي ڪري ’ڄانگهو‘ بہ چيو ويندو هو، اُن ڪري، اهو لفظ اڳتي هلي ’چانگو‘ ٿي ويو. شاھہ لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن اُٺ لاءِ ’چانگي‘ جو لفظ عام استعمال ڪيو آهي. مثال طور:
آءُ راڻا رھہ رات،
تنھنجي چانگي کي چندن چاريان! (شاھہ)