چانگ1: چانگ ذات آهي. هي لفظ چانگي يا اُٺ ڏانهن نسبت ڏيکاري ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته چانگ معنيٰ ’اٺ لڏڻ، ڌارڻ يا پالڻ‘ وارا. سماٽ نسل توڙي بلوچ نسل جا مٿينءَ ڪرت سان لاڳاپيل ماڻهو چانگ ذات جا سڏجن ٿا. چانگن لاءِ روايت آهي ته: ’چانگ‘ ڪانگڙا علائقي جا جت آهن ۽ گهرٽ جا هٽي ذاتين وارا سندن مائٽ آهن. چانگن لاءِ مشهور آهي ته هي چانگ خان گورچاڻيءَ جو اولاد آهن. هن ذات وارن جا هيٺيان پاڙا آهن: احمداڻي، باراڻي، پانڌياڻي، نوڪراڻي، ڪنگاڻي، دوستلياڻي، ريحاڻي، فتجاڻي، لڌياڻي، مانجهياڻي، ميراڻي، غازياڻي، گاهياڻي، ڪنگاڻي، ڪوهوناناڻي (ڪوها راڻي) ۽ ميواڻي وغيره. اهڙيءَ ريت رندن، جتن ۽ سمن ۾ به چانگن جو هڪ پاڙو آهي.
رندن ۾هن ذات وارن جو مؤرث اعليٰ مٺو خان هو. مٺي خان جي پٽ باگي خان کرڙيءَ واري جنگ ۾ حصو ورتو هو. باگي خان جي وفات کان پوءِ سندس پنجن پٽن مان وڏي پٽ غلام قاسم خان ثانيءَ تي پڳ آئي. موجوده وقت ۾ غلام قاسم جو فرزند علي مردان، ضلعي خيرپور ۾ پنهنجي برادريءَ جو چڱو مڙس آهي.
تاريخدانن چانگن کي جت ڄاڻايو آهي. عام سنڌين وانگر چانگ قد جا پورا پنا ۽ رنگ جا سانورا ٿين ٿا. سنڌ جي تاريخي ماخذ ’جنت السنڌ‘ جي مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ چانگن کي گورچاڻين جي شاخ سڏيو آهي۽ سندن ٻه پاڙا سنجراڻي ۽ ڪچاڻي ڄاڻايا آهن، جن مان سنجراڻين جو شجرو هن ريت آهي: فيروز خان پٽ مردان علي خان پٽ سنجر پٽ مراد علي پٽ جيوڻ خان.
چانگ سارين پوکڻ جا ماهر آهن. ميرن جي اوائلي دؤر ۾ تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي طرف، جتن ۽ چانگن جي وچ ۾ هڪ وڏي جنگ لڳي، جنهن کي ’ڇاڻي واري جنگ‘ يا ’جتن ۽ چانگن جو مارو‘ سڏيو ويو. ان جنگ ۾ چانگن جو سردار شير خان چانگ ماريو ويو. بدلي ۾ چانگن به جتن جي سردار شير خان کي قتل ڪيو. چانگ قبيلو سڄيءَ سنڌ ۾ آباد آهي. لاڙ پاسي چانگ قبيلي مان تعلق رکندڙ رئيس ڪمال خان چانگ وڏي شهرت ۽ حيثيت وارو آهي. مڪاني حڪومتن واري نظام ۾ بدين ضلعي جو ناظم به رهي چڪو آهي.