چانهه جي پوک

چانهه جي پوک

چانهه (Tea)

چانهه (Tea)

چانھہ (Tea)

چانھہ (Tea): چانھہ جي پوک جي شروعات چين ۾ 2737 ق. م کان چئي وڃي ٿي. جتان پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وئي. چين جي بادشاھہ شين ننگ کي جڏهن اندر جي صفائيءَ جو جنون ٿيندو هو تہ پاڻيءَ جي ديڳ ڪاڙهائي اُن جو پاڻي پيئندو هو. هڪ دفعي قدرتي پيدا ٿيل چانھہ ٻوٽي جا پتا ان پاڻيءَ ۾ ڪري پيا، جنهن پاڻيءَ بادشاھہ کي تازگي بخـشـي. مـعلوم ڪرڻ تي هن کي خبر پئي تہ پاڻيءَ ۾ چانھہ جون پتيون ڪري پيون هيون. ان کانپوءِ چانھہ هڪ ناياب ٻوٽو شمار ڪيو ويو. انڊيا ۾ بہ روايت آهي تہ مهاتما ٻُڌ جڏهن ڌيان گيان کان واپس موٽيو تہ پاڻ سان گڏ چانھہ ۽ ان جو ٻج کڻي آيو. ان کان پوءِ انڊيا ۾ چانھہ جي پوک شروع ٿي. يورپ ۾ چانھہ 1559ع ڌاري پهتي.
1664ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چانھہ جو سير کن انگلنڊ جي بادشاھہ چارلس-II کي تحفي طور ڏياري موڪليو. پوءِ تہ ٻن سالن اندر انگلنڊ جي معاشري ۾ چانھہ فيشن بڻجي وئي. هن وقت دنيا جي جملي آدمشماريءَ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ڀاڱو چانھہ پيئندڙ آهي. هندستان ۾ گهڻي چانھہ آسام ۾ ٿئي ٿي. سريلنڪا ۾ چانھہ جي پوک ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿي آهي. برما ۾ بہ چانھہ جي پوک چڱي انداز ۾ ٿئي ٿي.
چانھہ جي ٻوٽن ۾ هيٺيان جزا صحت لاءِ نقصانڪار ٿيندا آهن:
(1) ٿين (Theini): هي کار جهڙو زهري جزو آهي، جيڪو ٿوريءَ دير لاءِ چانھہ پيئندڙ کي چست ڪندو آهي، پر ساڳئي وقت ذهن کي سست ڪندو آهي. ان جزي کان سواءِ چانھہ جو لطف گهٽجي وڃي ٿو.
(2) ٽئنن (Tainin): هي بہ هڪ زهريلو جزو آهي، جيڪو 15 سيڪڙو چانھہ مان حاصل ٿئي ٿو. اهو جزو معدي ۾ هاضمي جي رس کي بگاڙي ٿو، جنهنڪري هاضمو خراب ٿيو وڃي.
ان کان سواءِ چانھہ ۾ ڪافور وانگر اڏامندڙ تيل جو هڪ قسم بہ موجود آهي، جيڪو چانھہ ۾ خـوشـبوءِ پيـدا ڪري ٿو. اهو وقتي طور چستي پيدا ڪري ٿو، پر ان جي اثر ختم ٿيڻ تي جـسـم سـُسـت ۽ ڪمزور ٿيو پوي. چانھہ قدرتي طرح بک ۽ ننڊ وڃائي ٿي. گڙدن کي ڍِلو ڪري پيشاب کي وڌائي ٿي. مغز جي پردن کي خشڪ ڪري هاضمو خراب ڪري ٿي. چانھہ سوا ٽي سيڪڙو ۽ ڪافي ساڍا چار سيڪڙو انساني جسم ۾ بورڪ ائسڊ پيدا ڪري ٿي، جنهنڪري مٿي جي سور، وائي سور، مغز جي موڳائي، ننڊ ۾ خلل، دمڪشي، اکين جون خرابيون، پيشاب ۾ پٿري ۽ ذيابيطس وغيرہ جهڙيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي انسانن لاءِ هاڃيڪار آهن.
چانھہ جو هڪ ٻيو قسم سبز چانھہ (Green Tea) آهي، جيڪو بہ ساڳئي قسم جي هڪ ٻوٽي مان ملي ٿو. هن قسم جي چانھہ جي ٻوٽي جي پتين کي ڇِني، سُڪائي 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڪڙهائيءَ ۾ مخصوص وقت تائين ڪاڙهي يا پنن کي سيئڻ يعني ٻاڦ ذريعي ٽهڪائي ٺاهي وڃي ٿي. هيءَ چانھہ ڪاري چانھہ جي مقابلي ۾ گهٽ نقصانڪار ٿئي ٿي. هن جو رنگ ساواڻ مائل ٿيندو آهي.
آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ليسٽر ميجر موجب سائي چانھہ ۾ وٽامن سي ۽ اِي وڌيڪ هوندا آهن. سائنسدانن جي تحقيق موجب هيءَ چانھہ معدي ۽ چمڙي جي سرطان کي نہ صرف گهٽ ڪري ٿي، پر انهن کان بچڻ جو اهم ذريعو بہ آهي. هن چانھہ ۾ E.G.C.G نالي هڪ مادو هوندو آهي، جيڪو Anti Oxidant هوندو آهي. چين ۾ هيءَ چانھہ قوت مدافعت مضبوط ڪرڻ ۽ هاضمي جي نظام لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ڪاري چانھہ سان دماغ جا پردا خشڪ ٿين ٿا پر هن چانھہ سان دماغ ۽ رت جي دوري کي تحرڪ ملي ٿو. هيءَ چانھہ بالائي بنفي شعائن (Ultra Violet Rays) جي نقصانن کان چمڙيءَ کي محفوظ رکي ٿي. ويسٽرن ريزڊ يونيورسٽيءَ جي ماهر محققن مطابق سائي چانھہ سج جي تپش سبب چمڙيءَ تي ٿيندڙ الرجي ۽ ٻين تڪليفن کان بہ ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. يونيورسٽي آف ڪئنساس جي سائنسي ماهرن موجب سائي چانھہ ۾ A, B, C جا ڪيميائي مادا موجود هوندا آهن، جن جي استعمال سان ڪينسر ۽ دل جي بيمارين سميت ٻين اهڙين بيمارين کان، جيڪي جيوگهرڙن تي اثر انداز ٿين ٿيون، بچي سگهجي ٿو.
چانھہ جي تازي لڳايل ٻوٽي مان ٽن سالن کانپوءِ پيداوار لهندي آهي ۽ اهو سلسلو پنجاھہ سالن تائين جاري رکي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو