چاولا: هيءَ هندن جي هڪ ذات آهي، جيڪي اصل ۾ اروڙ ونشي آهن. عربن جي حملي وقت هن ذات جا ماڻهو اروڙ (الور) تعلقي روهڙيءَ کان پنجاب لڏي ويا، جتي انهن مان ڪجهہ اڄ تائين آباد آهن. ڪجهہ ميرن جي صاحبيءَ دوران ٻيهر سنڌ موٽي آيا، جن مان ڪجهہ لاڙڪاڻي تہ ڪي وري سکر ۽ شڪارپور ۾ وڃي رهيا ۽ ڪجهہ ٺٽي ڏانهن ويا. جن هندو قبيلن سڀ کان پهرين شڪارپور جو شھر وسايو هو، انهن ۾ چاولا بہ شامل هئا، جنهنڪري شڪارپور ۾ چوڻي آهي تہ: ”چگهہ، ماکيبا، چاولا، چوٿين ذات بجاج“. چاولا سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي آباد آهن. هنن مان ڀڳوان داس چاولا مشھور شخص ٿي گذريو آهي، جڏهن تہ سندس پٽ مڪيش ڪمار چاولا، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ ايڪسائيز جو وزير ۽ اقليتي اڳواڻ آهي.