چاچڙ، حـاجـي خـان

چاچڙ، حـاجـي خـان

چاچڙ حاجي خان

چاچڙ، حـاجـي خـان: سياسـي، سـماجـي اڳـواڻ، سـردار حـاجي خان چـاچـڙ، 12 مئي 1946ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نيو ماڊل اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل مان ورتائين. اسلاميہ ڪاليج سکر مان گريجوئيشن ڪيائين. پنھنجي والد سردار علي مردان خان جي وفات کان پوءِ چاچڙ قبيلي جو سردار ٿيو. حاجي خان چاچڙ سياست جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. ٽي ڀيرا ضلعي ڪائونسل سکر جو ميمبر ۽ پني عاقل مارڪيٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1988ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ بہ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. سردار حاجي خان پنھنجي ڳوٺ ۽ ڪـچـي جي ڳوٺ ڦـلاڻـيءَ ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول ٺهرايا. 1988ع ۾ پـنـي عـاقـل شهـر لاءِ سُئـي گـئس جـي اسڪيـم لاءِ تحرڪ ورتائين، جيڪا اڳتي هلي 1992ع ۾ فراهم ٿي. هڪ اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ بہ وڙهيو. 2008ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان بيٺل هو، پر محترمہ بينظير ڀٽو جي شهادت واري المناڪ واقعي کان پوءِ چونڊ مھم بند ڪري، اليڪشني عمل کان پاسيرو ٿيو. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن قبيلي جي مدد سان بندن جي مرمت ۽ چوڪسي ڪرائي علائقي کي بچايو. هن وقت رهائش ڳوٺ حاجي خان چاچڙ، تعلقي پني عاقل ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.05.12  عيسوي

سياسـي، سـماجـي اڳـواڻ، سـردار حـاجي خان چـاچـڙ، 12 مئي 1946ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش بلوچ
ايلسا قاضي
هري شوداساڻي
ادريسي
محمد پريل سومرو
قاسم حيدر سمون
پرڌان روپچند ڊاڪٽر
پئٿاگورس
امر رائيسنگهہ راجپوت
ضياء محي الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون