
چاچڙ عبدالوهاب مفتي
چاچڙ عبدالوهاب مفتي: ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار ’شريعت‘ جو ايڊيٽر، مفتي عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادر چاچڙ، 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. پنجن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. پنھنجي چاچي مولوي محمد يوسف جي سرپرستيءَ ۾ هن تعليم پرائي. 1956ع ڌاري چاچي کيس گهوٽڪيءَ جي مدرسہ قاسم العلوم ۾ داخل ڪرايو. جتان ابتدائي تعليم وٺي پوءِ مدرسہ مدينة العلوم، پني عاقل ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ وٽ اچي پڙهيو، جتي کيس وقت جي وڏي عالم حماد ﷲ هاليجويرح سان ملاقات جو موقعو مليو. هن بزرگ جو سندس وڏڙن سان ويجهو تعلق رهيو هو. ان کانپوءِ مدرسہ قاسم العلوم مان ’شرح جامي ۽ قطبي‘ پڙهييو ۽ 1967ع ۾ سندس دستاربندي ٿي.
مولانا عبدالوهاب تعليم مڪمل ڪري قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۽ دارالـعـلــوم حـمـاديـه، هـاليـجي شـريـف ۾ پـڙهـايـو. 1970ع کان پـوءِ هـن مظهرالعلوم، منزل گاھہ سکر ۾ بہ ڪافي سال درس ۽ تدريس ڏنائين. 1981ع ۾ روهڙيءَ ۾ اچي مدرسو قائم ڪيائين، جتي اڄ تائين پڙهائيندو رهي ٿو.
مولانا عبدالوهاب رسالن ۽ اخبارن ۾، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مشوري سان لکڻ شروع ڪيو، جيڪو ان وقت گهوٽڪي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. قاسمي صاحب جي مشوري سان ٽه ماهي ’الرحيم‘ ۾ ڪيترا مضمون لکيا. ان کانسواءِ ملير ڊائجسٽ، روزاني هلال پاڪستان ۽ انقلاب وغيرہ ۾ بہ لاڳيتو لکندو رهيو.
1973ع ڌاري ’شريعت پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌائين، جنهن اداري طرفان ماهوار رسالو شريعت ۽ ٻيا ديني ۽ اصلاحي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيائين. پهريان ٽي سال رسالو مولانا فضل ﷲ انڍڙ جي ادارت ۾ نڪرندو رهيو، ان کان پوءِ ان جو انتظام ۽ ادارت مفتي عبدالوهاب چاچڙ حوالي ٿي، جنهن رسالي ۾ اهم مذهبي ۽ قومي معاملن تي ڪارائتا مضمون ۽ ٻيا سلسلا پيش ڪيا. ’شريعت‘ رسالو اڃا تائين جاري آهي.
مفتي عبدالوهاب چاچڙ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
سنڌي ڪتاب: تفسير سھل البيان، (2) الفتاويٰ شرعيه ( ٽي جلد)، (3) مرد ڪامل، (4) قرباني ۽ عقيقي جا مسئلا، (5) زڪوات جا مسئلا، (6) پيغمبر عليہ السلام ۽ نيشلزم، (7) حرمين جو سفر، (8) من جي مالا، (9) ترجموفتح القوي في نسب النبي صلي ﷲ عليہ وسلم، (9) عشر آرڊيسنس جو جائزو. سندس ڪجهہ سنڌي ڪتاب اشاعت هيٺ آهن.
اردوڪتاب : (1) عورت ڪي وزارت عظميٰ اور شريعت مصطفي، (2) عورت ڪي وزارت عظمي جائز هي، (3) ڪالا باغ ڊيم منصوبه قرآن وسنت ڪي خلاف، (4) عشر آرڊينس ڪا علمي جائزه، (5) سنڌ ڪا ڪيس. ان کان سواءِ ’ڪلوننگ ڪي شرعي حيثيت‘ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي.
عربي تصنيفن ۾: ’تحقيق تحفت المحببين شرح الاربعين النوويه الشيخ محمد حيات‘ آهي. ان کان سواءِ ’منار الحسنات في حيات الشيخ محمد حيات‘، ’انتخاب علمي نڪات تفسير ڪبير‘، ’تحفة الڪرام بذڪر العشر الحرام‘، ’الباب في ابو اب الحساب‘ ۽ ٻيا ڇپائيءَ هيٺ آهن.
فارسيءَ ۾ ٻہ ڪتاب: ’رهنماء صوفيان‘ (سوال وجواب) ۽ ’زھرہ ياسمين تفسير سورت ياسين‘ اڻ ڇپيل آهن.
1942.03.26 عيسوي
ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار ’شريعت‘ جو ايڊيٽر، مفتي عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادر چاچڙ، 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.