چاڙهيڪو: شڪار جو هڪ طريقو، جيڪو شام جو واهيري مھل يا صبح جو ساجهر ٿيندو آهي. صبح جي وقت پکي وڻن تي آرام ۾ هوندا آهن، جن کي شڪاري بندوق کڻي اچي ماريندا آهن. هن شڪار ۾ ڪارڙا تتر ماربا آهن. هڪ پاليل ڪارڙو تتر پڃري ۾ وجهي جهنگ ۾ وڃي رکبو آهي. اهو ٻوليندو آهي تہ جهنگلي تتر ان جي ٻولي ٻڌي ساڻس وڙهڻ ايندا آهن. شڪاري بندوق سان ڀرسان لڪو ويٺو هوندو آهي ۽ اهڙن جهنگلي تترن جو شڪار ڪندو آهي.
- ٿر واري پاسي، ڀِِٽن يا ٽؤنڪن تي چڙهي، وڃايل مال جي ڳولا ڪرڻ کي بہ چاڙهيڪو چوندا آهن.