چاڪر خان جسڪاڻي: شھيد چاڪر خان ولد محمد خان جسڪاڻيءَ جو تعلق ڳوٺ جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس سان هو. سندس خاندان جا پويان اڄ تائين ساڳئي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي حڪومتي دؤر کان وٺي اڄ تائين آباد آهي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو تہ: شھيد چاڪر خان، شھيد عالم خان مريءَ جو گهاٽو دوست هو، سندن وچ ۾ دوستي ۽ پيار جو مضبوط رشتو هو. کرڙيءَ واري جنگ ۾ هي ٻئي گڏ شھيد ٿيا. پاڻ پنھنجي سنڌي قوم ۽ وطن جي حقيقي آزاديءَ لاءِ شھيد ٿيا. بھادر ۽ ارڏي جوڌي جوان چاڪر خان سنڌ جي ويرين تي پنھنجي تلوار وڄ وانگر ورائي، پنھنجي بلند حوصلي ۽ همت سان کرڙيءَ جي ميدان تي جنگ ۾ ويڙھہ ڪندي شهادت ماڻي. سندس اهڙي بهادراڻي ڪردار تي خليفو نبي بخش قاسم لکي ٿو تہ:
ڪنائر سندي ڪن تي، ٻولي هڏ مَ ٻُنڌ،
مر تہ موچارو ٿئين، هي نہ موٽڻ مند،
ڪڇن منجهان ڪُند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي
شھيد چاڪر خان جسڪاڻيءَ کي ”شھيدن جي مقام“ ۾ دفن ڪيو ويو آهي، جيڪو قبرستان ڳوٺ جسڪاڻيءَ تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي اتر طرف آهي، اهو قبرستان سنڌ جي شھيدن جو يادگار آهي. هن قبرستان ۾ سوين کرڙيءَ جي شھيدن جون تربتون آهن. هن وقت شھيد چاڪر خان جي قبر جو ڪو بہ نشان موجود نہ آهي.