چاڪر هالا

چاڪر هالا: هيءُ قديم تاريخي هنڌ آهي. 15هين صدي عيسويءَ ۾ سَن شهر، ضلعي ڄامشوري کان ٻہ ميل ۽ بھڻ شھر کان ڏيڍ ميل جي پنڌ تي درياھہ ڪناري بھڻ نالي هڪ بندر هو. نهمردي قبيلو انهيءَ پرڳڻي يعني اتر محال ڪوهستان جي چاڪر هالا جي ٽڪرين ۾ سيوهڻ پاسي آباد هو. چاڪر هالا ۾ ٻَٻَرن جو قبيلو بہ آباد هو. نصرپور ٻڍاپور ۽ خاصائي شورا سترهين صديءَ ڌاري هن جي آس پاس جا مشھور شھر هوندا هئا.
هن قديم هنڌ بابت ميرڪ يوسف ’تاريخ مظهر شاهجهانيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته، مرزا شاھہ حسن ارغون سنڌ کي ڇھن سرڪارن (ڊويزنن) ۾ ورهايو هو، انهن ۾ هڪ چاڪر هالا سرڪار بہ هئي. هي سرڪار موجودہ ڄام شوري ضلعي جي ٽاڪرو/ جابلو علائقن تي مشتمل هئي. ان ۾ اويس قرني، ٻڍاپور، انڙ پور ۽ عارب جو ٿاڻو شھر ۽ ماڳ شامل هئا. مغل دور ۾ بہ هيءَ سرڪار موجود هئي. اڪبر جي دور ۾ هن سرڪار ۾ ڪُل 8 محال يا پرڳڻا هئا. سرڪار جي ڪل پيداوار 5,085,408 دام هئي. هتي شورا، سميجا، ۽ ٻٻر رهندا هئا، جيڪي حڪومت مخالف قبيلا شمار ڪيا ويندا هئا. جڏهن تہ پليجا، ڪوريجا، لنجار ۽ ناريجا قبيلا بہ هن سرڪار ۾ رهندڙ هئا، جن کي مغل شاهيءَ پاران ’امن پسند‘ سڏيو ويو، ڇو تہ انهن مان کين ڪو خطرو نہ هو.


لفظ چاڪر هالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو