چاڪر ڪوٽ نقشو

چاڪر ڪوٽ نقشو

چاڪر ڪوٽ جا آثار

چاڪر ڪوٽ جا آثار

چاڪر ڪوٽ

چاڪر ڪوٽ: چاڪرڪوٽ 260 11 223 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 38 041 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ديھہ شاهپور، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي. هيءُ ڪوٽ مير شھداد خان ٽالپر جي پُٽ مير چاڪر خان پنھنجي مُربي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي رهائش لاءِ 1740ع ڌاري ٺهرايو هو. هيءُ ڪوٽ ان وقت جي سهولتن ۽ دفاع کي خيال ۾ رکي مضبوط ٺهرايو ويو هو. ڪوٽ اٽڪل چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي. ڪوٽ جا اوڀر ۽ اولھہ وارا پاسا، اتر ۽ ڏکڻ وارن پاسن کان ننڍا آهن. هن ڪوٽ جي اڏاوت اوڏڪي ڪچي مٽيءَ جي آهي. اُن جون ديوارون بنيادن وٽ 20 فوٽ ويڪريون ۽ مٿي هلي 10 فوٽن تائين اڀڪپري فصيل وانگر هيون. ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار 16 فوٽ اوچي هئي. فصيل کي ٻاهران حفاظت لاءِ 2.6 فوٽ ٿلهي ۽ پنج فوٽ اوچي اوٽ واري ديوار ڏنل هئي. ڪوٽ جي ڀِت ويڪري هئڻ ڪري ان تي گهوڙي گاڏيون ۽ ڏاند گاڏيون بہ هلي سگهنديون هيون. ڪوٽ ۾ ڪٿي بہ پڪيون سريون ڪم نہ آنديون ويون آهن، ۽ نہ ئي ديوارن ۾ ڪاٺ ۽ لوھہ ڪتب آندو ويو آهي. مـقـامـي روايـتـن مـوجب ميـر شهـداد خـان جا پهريدار گهوڙن تي چڙهي چوڪسي ڪندا هئا. ڪوٽ جي چئن ئي ڪُنڊن تي برج ٺهيل هئا. ڪوٽ جي اتر ۽ ڏکڻ واريون ٻانھون ڊگهيون هئڻ ڪري انهن تي 16 فوٽن جي قطر جا ٻہ ٻہ برج هئا، جن جي ڀيٽ ۾ ڪنڊن وارا برج وڏا هئا. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻہ دروازا هئا. هڪ مکيہ دروازو ڏکڻ پاسي کان هو، جنهن جي ويڪر 30 فوٽ هئي. آخري دور ۾ ان دروازي تي ڪنهن لوهي در بہ هڻايو هو. هڪ عام دروازو ڪوٽ جي اتر- اوڀر ڪنڊ وٽ قائم مورچي ڀرسان هو. ڪوٽ اندر ٽالپرن پنھنجي رهائش لاءِ ڪافي جايون ٺهرايون هيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪچي مٽيءَ جون هيون. ڪوٽ ۾ حفاظت لاءِ ڪوٽ جي ڪنگري هيٺيان وچ تي مارا بہ ٺهيل هئا. ڪوٽ جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان ٽي وڏا واھہ روڻو، عالي ۽ يارو واھہ وهندا هئا، جيڪي داد واھہ مان ڦٽي نڪرندا هئا ۽ داد واھہ سڪرنڊ وٽان سنڌو درياھہ مان وهي ايندو هو. اهي سڀ واھہ مٺڙائو، جمڙائو ۽ روهڙي ڪئنالن کوٽڻ کان پوءِ ختم ٿي ويا. ٽالپرن جي حڪومت جي خاتمي بعد مقامي هندن ڪوٽ کي سنڀاليو، جن جو وڏو پيرو مل هو. هنن ڪوٽ اندر پنھنجي مڙدن کي ساڙڻ لاءِ مساڻ ۽ ڪوٺيون بہ ٺهرايون. هڪ ڪوٺيءَ ۾ پاڻ ويهندا هئا، ٻئي ڪمري ۾ مڙدن کي ساڙي، سندن رک دٻن ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. هندن هتي هڪ مندر بہ ٺهرايو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هي قلعو 1960ع ۾ ڏٺو هو. بلوچ صاحب هن ڪوٽ کي ’گنڀات‘ جو قلعو بہ سڏيو آهي. هي ڪوٽ هن وقت مڪمل طور تباھہ ٿي چڪو آهي. البت ان جا آثار اڄ بہ موجود آهن.


لفظ چاڪر ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو