چاڪر گهٽ ۽ سدُو ڊھہ (ماڳ): هي ماڳ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ کيرٿر جبل ۾ هڪ گهٽ جي حيثيت ۾ موجود آهي. هن ماڳ جو تعلق بلوچ سردارن مير چاڪر خان ۽ مير گھرام خان جي تڪرارن ۽ جهيڙن جي نسبت سان ٻڌايو وڃي ٿو. هن لنگهہ وٽان مير چاڪر خان جي گذرڻ ۽ لڙائي ڪرڻ جي ڪري هن گهٽ تي نالو چاڪر گهٽ پيو ۽ سدُو هڪ عورت هئي، جنهن انهيءَ خونريز ويڙھہ دوران ٽڪريءَ تان پاڻ کي اڇلي خودڪشي ڪئي هئي، جنهنڪري هيءَ جاءِ، سدُو ڊھہ بہ سڏجڻ ۾ آئي. هي ماڳ ڳوٺ واهي پانڌيءَ کان اولھہ وارن جبلن ۾ واقع آهي.