چاڪي

چاڪي: چاڪي، تيل پيڙڻ واري کي چئبو آهي. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي ليکڪ موجب ’چاڪي‘ لفظ ’چڪي‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’پيـهڻ يـا پيـڙڻ‘ ۽ اصطلاحـي معنـيٰ موجب ’تيل پيڙڻ وارو يا گهاڻي وارو‘. هي ماڻهو ڌنڌي ۽ ڪرت جي نسبت سان چاڪي سڏجن ٿا. عربستان ۾ چاڪين کي ’عصار‘ چون ٿا. لاڙ طرف به چاڪي ذات جا ماڻهو موجود آهن، پر اهي تيل پيڙڻ جو ڪم ڪونه ڪن، ٿي سگهي سندن وڏا اها ڪرت ڪندا هجن، ۽ سنڌ ۾ ٻين ڪرتن وارين ذاتين وانگر هي به چاڪي سڏيا ويا. ’انڊين ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس‘ جي مصنف ايس. ايم. چنا جي لکڻ موجب ملبار ۾ به تيل پيڙڻ وارن کي چاڪان (Chakkan) سڏين ٿا. هي اتي گهٽ ذات وارا آهن ۽ برهمڻن جي مندرن ۾ وڃڻ جي کين اجازت ڪانه آهي. تامل ناڊو واري علائقي ۾ به چاڪين کي چاڪان (Chakkan) ڪوٺين ٿا، جيڪي نه رڳو تيل پيڙيندا آهن، پر تيل جو ڪاروبار به ڪندا آهن. تامل ٻوليءَ ۾ چاڪان معنيٰ اهو ماڻهو، جيڪو تيل جو ڪم ڪري، ان لاءِ چاڪو (Chakku) لفظ به ڪتب آڻين. هندستان جا چاڪي ساڳي نُک مان شادي نه ڪندا آهن. هي اتي شِو ۽ وشنوءَ جا پوڄاري آهن. هي ماڻهو سرنهن، ڄانڀي، ڏونگهيءَ، بادامن، ترن ۽ بيهي مڱن مان تيل پيڙي ڪڍن ٿا.
’گلوبل انسائيڪلوپيڊڪ اٿنوگرافي آف انڊين مسلم‘ جي ليکڪ عابده سميع الدين ۽ آر. خانم موجب ڪيترا چاڪي ذات جا سومرا آهن. سنڌ تي جڏهن علاؤ الدين خلجيءَ حملو ڪيو ۽ دودو سومرو شهيد ٿيو ته ڪيترا سومرا ڪڇ ڏانهن لڏي پلاڻي ويا، جيڪي هڪ اندازي موجب 2700 کن مرد ۽ عورتون هئا. هي وير ابڙي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتا هئا، بعد ۾ وير ابڙو به علاؤالدين جي فوج هٿان مارجي ويو هو. چون ٿا ان دوران ڪيترين سومرين ڪڇ ۾ پاڻ کي جيئرو پورائي ڇڏيو هو ته جيئن سندن ست علاؤالدين جي فوجين کان بچي سگهي. ڪجهه سومرا ذات جي مردن، لوهر ۽ گانچي (Ganchi) قبيلن وٽ وڃي پناهه ورتي، پر انهن تي به علاؤالدين جي فوج هلان ڪئي ۽ پڪڙجي پيا، ۽ پُڇا تي ذات بدلائي چاڪي ٻُڌايائيون. ان ڏينهن کان وٺي هي چاڪي سڏجن ٿا.
پر سنڌ ۾ هيءَ ذات ڪرت جي ڪري مشهور آهي، جيڪي به ماڻهو تيل پيڙڻ جو ڪم ڪن ٿا، ۽ گهاڻا هلائين ٿا، تن کي چاڪي سڏيو وڃي ٿو. ڪن هنڌن تي تيلي به سڏجن ٿا. گهڻو ڪري هي ڪاروبار سماٽڪيون ذاتيون ڪن ٿيون.


لفظ چاڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو