چاڳلا، غلام علي

چاڳلا، غلام علي

چاڳلا غلام علي

چاڳلا، غلام علي: سنڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي ڪارڪن غلام علي ولد غلام حسين چاڳلا جو جنم 1871ع ڌاري ڪراچيءَ جي کارادر واري علائقي ۾ ٿيو. سندس تعلق ڪراچيءَ جي خواجن جي وڏي شاهوڪار خاندان سان هو. هيءُ خاندان اصل آغا خاني خواجن مان هو، جنهن بعد ۾ آغاخاني فرقو ڇڏي اثناعشري فرقي ۾ شموليت اختيار ڪئي. غلام علي چاڳلا سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ان کان پوءِ هن پيءُ سان گڏ ڪاروبار سنڀاليو. ان دوران کيس ڪراچيءَ جي ’اثناعشري خواجه جماعت‘ جو کيس صدر چونڊيو ويو. ان عهدي تي هيءُ سموري زندگي رهيو. غلام علي چاڳلا جماعت جي اصلاح، ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. هن فارسي ۽ عربيءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي ۽ مذهبي ڪتابن جو سٺو ذخيرو ڪـٺو ڪيائين، جيڪي پوءِ ’نوجوان اثناعشري ڪرڪيٽ ڪلب‘ جي حوالي ڪيا ويا. غلام علي چاڳلا شاگردن کي اخلاقي ۽ مذهبي تعليم ڏيندو هو ۽ سعديءَ جو ’گلستان‘ ۽ ’بوستان‘ پڙهائيندو هو. کيس قرآن شريف جي سمجهاڻيءَ ۾ خاص مهارت حاصل هئي. هن اثناعشري خواجن لاءِ سنڌي ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ ماهوار رسالو ’سوکڙي‘ جاري ڪيو. جنهن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي مضمون شايع ڪيائين. هيءُ سماجي ڪارڪن به هو. ڪيتري ئي عرصي تائين عليڳڙهه يونيورسٽيءَ کي ماهوار ڏهه هزار روپيا عطيو ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ ڪيترن غريب شاگردن کي اسڪالر شپون ڏنائين. خواجه جماعت جي عورتن لاءِ هڪ گشتي لائبريري جاري ڪيائين. هن پنهنجي دوستن سان گڏجي ڪراچيءَ جي کارادر تي وڏي مسجد ٺهرائي. ترقي پسند سوچ جي ڪري هيءُ وهم پرستي، پير پرستي ۽ پيري مريديءَ جو سخت مخالف هو. اهڙن ماڻهن جي محفلن کان به پري رهندو هو. انسانن ۾ برابريءَ جو قائل هو. انهن خيالن جي ڪري هو اڪثر ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي پروگرامن ۽ ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ڊاڪٽر ايني بيسنت جي هوم رول ليگ ۾ به هيءُ گهڻو متحرڪ رهيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪري، جي. ايم. سيد، جمشيد مهتا، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين سان سٺي دوستي هئس، جيڪا آخر تائين نڀايائين.
غلام علي چاڳلا جو پيءُ مدرسي جي پهرئين ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. اڳتي هلي غلام علي چاڳلا سنڌ مدرسي بورڊ جو گهڻي عرصي تائين ميمبر ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. غلام علي چاڳلا پنهنجي پاران هميشه غريب شاگردن جي مالي مدد ڪندو هو ۽ غريب شاگردن کي هر مهيني اسڪالرشپون به ڏيندو هو. تعليمي ترقيءَ تي سندس ڌيان هئڻ ڪري هيءُ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي مالي مدد به ڪندو هو. انهيءَ دور ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ لاءِ به 10 هزار روپيا چندو ڏنو هئائين.
هو مسجد ۽ امام واڙن ٺهرائڻ ۾ به مالي مدد ڪندو هو. کاري در واري شيعن جي مسجد جي تعمير لاءِ به 10 هزار روپين جي عطيو ڏنو هئائين. سماجي ڪمن ۾ به دلچسپي وٺندو هو، ۽ هو ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر به رهيو. غلام حسين خالق ڏنو ٽرسٽ ۽ غلام حسين خالقڏنو هال ۽ لائبرري، جيڪي بندر روڊ تي واقع آهن، جي سار سنڀال لهندو هو. هو انهيءَ ٽرسٽ جو 45 سال سيڪريٽري رهيو. سماجي خدمتن ڪري هو ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سماجي، مذهبي، تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن جي عيوض مئي 1921ع ۾ ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. غلام علي چاڳلا کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو ڪراچيءَ جو پهريون چونڊيل مسلمان صدر هو. 1910ع کان اڳ ميونسپالٽيءَ جا صدر حڪومت پاران نامزد ڪيل هوندا هئا. 1910ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ کي اهو اختيار مليو ته هو پنهنجو صدر پاڻ چونڊي.
ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو پهريون چونڊيل صدر سر چارلس ميولز، ٻيو چونڊيل صدر هرچند راءِ وشنداس ۽ ٽيون چونڊيل صدر غلام علي چاڳلا هو. 1933ع ۾ ميونسپالٽيءَ کي ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو ۽ صدر جي جاءِ تي ميئر چونڊجڻ لڳا. جمشيد مهتا ميونسپالٽيءَ جو آخري صدر هو ۽ پوءِ پهريون ميئر چونڊجڻ لڳا.
غلام علي چاڳلا پنهنجي صدارت واري مدي کان مهينو اڳ اِن عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي. ڇاڪاڻ جو ميونسپالٽيءَ جي هڪ ميمبر نارائڻداس بيچر مارچ 1922ع ۾ چاڳلا خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ جمع ڪئي هئي. سڀئي ميمبر چاڳلا جي حمايت ۾ هئا، پر چاڳلا صاحب چيو ته، ”جي منهنجي ڪارڪردگيءَ مان ڪجهه ميمبر مطمئن نه آهن ته پوءِ مونکي صدر جي عهدي تي رهڻ جو ڪو به حق ڪونهي.“ سياسي طور تي هن پنهنجي سياست جي شروعات ڪانگريس جي پليٽفارم تان ڪئي. 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جي ٿيل اجلاس جي آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو.
غلام علي چاڳلا، هرچند راءِ وشنداس، غلام محمد ڀرڳڙي، سائين جي. ايم. سيد ۽ جمشيد مهتا سان گڏجي قومي تحريڪن ۾ به حصو ورتو. 1916ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي، ڪراچيءَ آيو ته آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ ۾ هيءُ به شامل هو. 1931ع ۾ جڏهن انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ سردار پٽيل جي صدارت ۾ ٿيو، ته مختلف آيل وفدن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو ذمو غلام علي چاڳلا جي حوالي هو. ان کان اڳ جڏهن 1917ع ۾ مسلم ليگ کي ڪراچيءَ ۾ ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ سطح تي جيڪا مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪئي وئي، ان جي عهديدارن ۾، صدر يوسف علي ڀائي، نائب صدر غلام محمد ڀرڳڙي، جنرل سيڪريٽري غلام علي چاڳلا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حاجي عبدالله هارون هو. لڳي ٿو ته هو مسلم ليگ جي سياست مان خوش نه هو، تنهنڪري 1931ع ۾ ڪانگريس واري ڪراچيءَ جي اجلاس ۾ هو ڪانگريس ۾ سرگرم نظر اچي ٿو.
غلام علي چاڳلا سير سفر جو به شوقين هو. هن جو تاريخي شهرن ۽ مقدس جاين ڏانهن گهڻو ڌيان هوندو هو. جنهن لاءِ هن حجاز، ايران، عراق، شام ۽ فلسطين جو دورو ڪيو. غلام علي چاڳلا اصل ۾ تصوف ڏانهن مائل هو. تنهنڪري سياست ۾ گهڻو حصو نه ورتائين. هن پنهنجو دائرو سماجي، تعليمي، ثقافتي ۽ مذهبي ڪمن تائين محدود رکيو. پئسي وارو هوندي به هو سادگيءَ جو هڪ مثال هو. سادي زندگي گذاريندو هو. ڪپڙن کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تائين سادگيءَ جو قائل هو. هو درويشن ۽ فقيرن جي صحبت ۾ بي چيني محسوس ڪندو هو ته، جهوڪ شريف، شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي سڪون لاءِ ويندو هو، پر جڏهن هتي ڌاڳن، ڦيڻن ۽ ٻين رسمن کي ڏسندو هو ته، واپس موٽي ايندو هو. انهن شين جو هو سخت مخالف هو.
هن جو ننڍو ڀاءُ رحمت الله غلام حسين چاڳلا به سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ هيءُ ڪراچي ڪلب جي شروعاتي ميمبرن مان هڪ هو. سيلاني ماڻهو هو. دنيا جا اڪثر ملڪ سندس ڏٺل هئا. هن يورپ جا 15 کان مٿي دورا ڪيا. رحمت الله چاڳلا ڪراچي اليڪٽرڪ لميٽيڊ جو ڊائريڪٽر به رهيو.
فقھ جو ڄاڻو، عالم، علم دوست، سخي، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ غلام علي چاڳلا، 26 جون 1950ع ۾ وفات ڪري ويو. پوئتي چار پٽ ۽ چار نياڻيون ڇڏيائين. پٽن ۾ احمد، عبدالرحيم، حسين ۽ علي محمد شامل هئا.
هن انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي 1913ع واري اجلاس ۾ حصو ورتو ۽ ان جي مرحبا ڪميٽيءَ جو مکيه ميمبر ٿيو. جڏهن 1918ع ڌاري سنڌ ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي زير صدارت قائم ٿي ته هيءُ ان جو سيڪريٽري منتخب ٿيو، پر جلد ئي ان تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.
هيءُ وڏو عالم ۽ علم دوست بزرگ هو. هن 26 جون 1950ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو