چاڳلي (مائي چاڳلي)

چاڳلي (مائي چاڳلي): هيءَ پنھنجي وقت جي سڄاڻ ۽ بھادر عورت ٿي گذري آهي. مائي چاڳلي ڪوهستان جي رهواسڻ هئي. لسٻيلي جي حڪمران پاهڙ خان سان سندس شادي ٿي. پاهڙ خان جي وفات بعد پڳ سندس پٽ عزت خان کي ٻڌائي وئي، جيڪو ان وقت صغير هو. جنهنڪري لسٻيلي رياست جي حڪومت مائي چاڳليءَ جي هٿ ۾ آئي. مائي چاڳليءَ حڪومت نهايت دانائيءَ سان هلائي. پورالي نديءَ جي پاڻيءَ جو انتظام ڪري زراعت ۽ آباديءَ کي وڌايائين. اهڙي سھڻي انتظام ۽ نظام سبب سندس علائقي ۾ خوشحالي آئي ۽ خزاني ۾ ڪافي اضافو ٿيو. مائي چاڳلي خودمختيار ٿي حڪومت هلائڻ لڳي، جنهنڪري مثال مشھور ٿيو تہ: ”پورالي اٿس پار، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.“ مائي چاڳليءَ جي خودمختيار حڪومت سبب ڪن پاڙيسري سردارن کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ لڳا ته، ”ڏاڙهي ڪانهي ڏيھہ ۾، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري“. مائي چاڳليءَ جي حڪومت جو ڪاروبار اڪثر رونجهن جي معرفت هلندڙ هو. ان وقت ’ڪنراچ‘ علائقي ۾ ڄاموٽ قبيلي جي سردار ڄام عالي کٿوريي جي سرداري هئي. سندس ڀاءُ ڄام ڊگهار کي رونجهن، ٻيلي جي ويجهو ’نانگ ڊيھہ‘ وٽ نماز پڙهندي شھيد ڪري ڇڏيو. انهيءَ خون جي بدلي ۾ ڄام عاليءَ، چاڳلي مائيءَ کي ٻيلي مان بي دخل ڪري، حڪومت جي واڳ سنڀالڻ جو ارادو ڪيو. ڄام عاليءَ ۽ ٻين ڄاموٽن ڏٺو تہ قلات جو حاڪم مير محبت خان بہ ملڪہ چاڳليءَ کان ناراض آهي. سو وفد ڪري محبت خان وٽ پهتا ۽ دانهن ڏنائونس. مير محبت خان کانئن پڇيو تہ ”ٻيلي جي حڪومت ڪيئن وٺجي؟“ ڄاموٽن چيو تہ اوهان مهرباني ڪري ’وَڍ‘ اچو تہ اسان چاڳليءَ کي بيخبريءَ ۾ شھر کان ٻاهر ڪڍي ’لسٻيلو‘ اوهان جي حوالي ڪريون. آخرڪار مير محبت خان صلاح ڪري آخوند محمد حيات کي لشڪر ڏئي روانو ڪيو، جنهن سان گڏجي ڄام عاليءَ پنھنجي ڄاموٽن جي لشڪر سميت ٻارڻ جبل ٽپي، لسٻيلي جي حد ۾ داخل ٿيو ۽ صبح ساڻ اوچتو لسٻيلي جي شھر تي حملو ڪيو. سندس اوچتي حملي سبب مائي چاڳليءَ جي هار ٿي ۽ ڄام عالي، لسٻيلي کي فتح ڪري، مائي چاڳليءَ کي شھر مان نيڪالي ڏئي ڪڍيو. ان بعد آخوند محمد حيات اچي ڇانوڻي ٺاهي. اهو سال 1155ھہ/ 1742ع هو. مائي چاڳلي هارائجڻ بعد پنھنجي صغير پٽ عزت خان کي ساڻ ڪري ڪوهستان ڏانهن رواني ٿي ۽

باقي حياتيءَ جا ڏينهن گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين. چاڳلي مائيءَ 1214ھہ/ 1799ع ڌاري وفات ڪئي. سندس قبر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ڀرسان ڄامن/ مَلڪن جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو