
چاڻڪيه
چاڻڪيه: ’چاڻڪيه‘ کي علم ۽ ڏاهپ جي ڪري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ عظيم شخصيت شمار ڪيو وڃي ٿو. هن جو جنم 350 ق. م ۾ ٿيو هو. سندس والد جو نالو رشي چاڻڪ هو، جنهن جي نالي پويان هن عظيم شخصيت کي ’چاڻڪيه‘ سڏيو ويو. چاڻڪيه ڪوٽيلا ۽ وشنو گپت جي نالن سان بہ مشھور آهي. هن جو تعلق موريا خاندان جي بنياد وجهندڙن مان هو. سندس ڪارناما ۽ ڪم گپتا گهراڻي جي خاتمي سان ختم ٿي ويا، پر سندس ڪم 1915ع ۾ ظاهر ٿيو تہ دنيا کي سندس اهميت ۽ نالي جي خبر پئي. چاڻڪيه ابتدا ۾ سمورو رگ ويد (حصن سميت) ياد ڪيو. ان کانپوءِ رياضي، جاگرافي، مذهب ۽ سائنس جا علم پڙهيو. بعد ۾ هو تڪشلا (ٽئڪسيلا: (Takshashila ويو، جتي وڃي سياسيات جو استاد ٿيو. هن جا مشھور شاگرد ڀدر ڀٽ ۽ پورش ڌتا ٿي گذريا آهن. ان کان پوءِ چاڻڪيه شهنشاھہ چندرگپت جو صلاحڪار ۽ وڏو وزير مقرر ٿيو. چاڻڪيه ٽيڪسيلا يونيورسٽيءَ ۾ بہ استاد ٿي رهيو. هيءُ واپار، جنگي فن، علم معاشيات وغيرہ جو بہ ماهر هو. هن جو مشھور ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ سياست ۽ رياست جي علم بابت لکيل هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو اڄ بہ يورپ ۾ پڙهايو وڃي ٿو. يورپ ۾ کيس ميڪاوليءَ جيتري اهميت حاصل آهي، جڏهن تہ چاڻڪيه، ميڪاوليءَ کان 2100 ورهيہ اڳ پيدا ٿيو هو. چاڻڪيه برهمڻ خاندان سان تعلق رکندو هو. چاڻڪيه، چندر گپت وٽ ڦوھہ جوانيءَ ۾ آيو هو. هن ۾ ڄائي ڄم کان هڪ لائق اڳواڻ جون خوبيون موجود هيون. هن چندر گپت کي حڪومت هلائڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪئي. چاڻڪيه ۾ بھت ۽ گنڀير سفارتڪارانه صلاحيتون موجود هيون. چاڻڪيه ٻہ اهم ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ ۽ ’نيٿاشاستر‘ لکيا، جيڪي ’چاڻڪيانيتيءَ‘ جي نالي سان بہ مشھور ٿيا. سندس ڪتاب ’نيٿا شاستر‘ ۾ بلند مرتبي سان زندگي گذارڻ جون خوبيون ۽ گڻ ڄاڻايل آهن. هيءُ ڪتاب سندس هندستاني زندگيءَ بابت مشاهدي جي ڄاڻ ڏئي ٿو. چاڻڪيه فطرت جو تيز فھم مشاهدو رکندڙ ڏاهو هو. هو هميشہ چندرگپت بادشاھہ جي کاڌي ۾ ذرڙو زهر ملائي ڇڏيندو هو، اهو ان ڪري تہ جيڪڏهن ڪو دشمن بادشاھہ کي زهر ڏئي تہ سندس جسم برداشت ڪري سگهي. چندرگپت کي اها ڄاڻ نہ هئي. هڪ ڏينهن هن اهو زهر وارو کاڌو پنھنجي راڻيءَ کي کارايو، جيڪا نوَن مهينن جي پيٽ سان هئي. راڻي زهر کائڻ سان مري وئي، پر چاڻڪيه سندس ٻار کي بچائي ورتو، جيڪو اڳتي هلي چندرگپت جو وارث بڻيو. چندر گپت پنھنجي ان پٽ جو نالو ’بندوسرا‘ (Bindusara) رکيو. چاڻڪيه چندرگپت وٽ هڪ اعليٰ منتظم جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنا. چندرگپت جي وفات کان پوءِ چاڻڪيه، چندر گپت جي پٽ بندوسرا جو اعليٰ منتظم ٿيو. بندوسرا کي ’سبنڌو‘ نالي هڪ وزير هو، جيڪو چاڻڪيه کي پسند نہ ڪندو هو. ان وزير چالاڪيءَ سان بندوسرا جي ذهن ۾ خلفشار پيدا ڪرڻ لاءِ کيس چيو تہ سندس ماءُ جي موت جو ذميوار چاڻڪيه هو. بندوسرا اهڙي غلط بيانيءَ تي بنا ڪنهن جاچ جوچ جي چاڻڪيه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. بادشاھہ جي اهڙي رويي تي چاڻڪيه کي دلي صدمو رسيو ۽ هن کاڌو کائڻ ڇڏي پنھنجي زندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هن پنھنجي سڄي دولت غريبن، بيواهن ۽ يتيمن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ پاڻ ڇيڻن جي هڪ دڙي تي وڃي رهيو. بعد ۾ بندوسرا داين کان حقيقت پڇي. وزير جي غلط بيانيءَ سبب چاڻڪيه سان اختيار ڪيل روش جي معافي وٺڻ لاءِ وٽس ويو، پر چاڻڪيه پنهنجو ارادو نہ مٽايو. بندوسرا نا اُميد ٿي واپس وريو ۽ ڪاوڙ مان پنھنجي وزير سبنڌو کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ارٿ شاستر چاڻڪيه جي عظيم لکت آهي، جنهن ۾ جملي 453 سوتر آهن، جن مان 216 سوترن جو تعلق راڄنيتيءَ (سياست) سان آهي. چاڻڪيه سياست جو ماهر هو. هيٺيان چار متا سندس زندگيءَ جا اصول هئا: (1) هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ورتاءُ ڪرڻ، (2) اتساھہ ڏيڻ، (3) سزا يا ويڙھہ، (4) پوکي. اهي مکيہ چار اصول سندس ڪتاب ۾ سمجهايل آهن. ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ ۾ چاڻڪيه ڪيترن معاشي ۽ اقتصادي مسئلن تي بہ بحث ڪيو آهي. رتن لال بشو ۽ راج ڪمارسين جا ڪتاب چاڻڪيه جي اقتصادي تصورن سان هڪجهڙائي رکن ٿا ۽ اڄوڪي جديد دنيا جي اقتصادي اصولن سان ٺهڪي اچن ٿا. چاڻڪيه ’اخلاقيات‘ جي موضوع تي بہ ’نيتي سوترا‘ (Neeti Sutra) نالي ڪتاب تصنيف ڪيو، جنهن ۾ هن ماڻهن جي اخلاقيات سڌارڻ تي زور ڏنو. چاڻڪيه هڪ تيز فھم حڪمران هو. هڪ دفعي چندرگپت جي فوج کـي هـڪ غـار ۾ دشـمـن کان لـڪـڻـو پيـو، کاڌو وغيـره خـتـم ٿي چڪـو هـو ۽ سپاهي بُک ۾ بيحال ٿي رهيا هئا ۽ ٻاهر بہ نڪري نہ ٿي سگهيا، ڇو تہ دشمنن جو خوف هو. ان وقت چاڻڪيه ڏٺو تہ هڪ ڪيلِي (ماڪوڙي) چانور جو هڪ داڻو کڻي وڃي پئي. ان مان تہ اندازو لڳايو تہ اتي ڪي ماڻهو لڪل آهن. هن فوج کي تلاشي وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ نھن ڏٺو تہ غار جي هيٺان واقعي دشمن ويٺا هئا ۽ رات جي ماني کائي رهيا هئا، پوءِ اهي فوج ڏسي ڀڄي ويا ۽ چاڻڪيه جي فوج پاڻ کي بچائي ورتو. چاڻڪيه بابت هڪ انگريزي ڪتاب ‘Chankya on Management’ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن جا 216 سوتر انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جيڪي راڄنيتيءَ بابت آهن. چاڻڪيه 283 ق. م ۾ وفات ڪئي.
350 قبلِ مسيح
هن جو جنم 350 ق. م ۾ ٿيو هو. سندس والد جو نالو ارٿ شاستر چاڻڪ هو، جنهن جي نالي پويان هن عظيم شخصيت کي ’چاڻڪيه‘ سڏيو ويو.
283 قبلِ مسيح
چاڻڪيه 283 ق. م ۾ وفات ڪئي.