چبوترو عبدالله شاھہ شھيد

چبوترو، عبدالله شاھہ شھيد: هيءُ ٽالپر دور جي بزرگ سيد عبدالله شاھہ شـهيـد جو مقـبـرو آهـي، جيـڪـو شـاهپـور چـاڪـر جـي تـاريـخـي قـبـرسـتان ’مير خان جا قبا'>شھداد خان جا قبا‘ کان ٿورو ٻاهر اترئين طرف آهي. هي مقبرو چبوتري جي صورت ۾ ٺهيل آهي، جنهن ۾ عبدالله شاھہ جي تربت موجود آهي. تربت تي سهڻن لفظن ۾ آيت الڪرسي اڪريل آهي. سيد عبدالله شاھہ وڏو جيد عالم ٿي گذريو آهي. مير صاحبن جي ساڻس ڏاڍي عقيدت هئي. سندس مزار تي اڄ بہ عقيدتمند حاضري ڀرين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو