چترالي ستار: هي چترال جي واديءَ جو مشھور ساز آهي، جنهن کي چنگ بہ چوندا آهن. چترالي ستار اترين علائقن ۽ روس مان آزاد ٿيل مسلمان رياستن ۾ گهڻو مقبول ۽ معروف آهي. هيءُ ساز ’شاھہ بلوط‘ جي ڪاٺيءَ مان ٺھي ٿو، جيڪو نازڪ آواز جي صورت ۾ تيز ۽ پرسوز سر ڪڍندو آهي. هي ساز وزن ۾ ستار وانگر بلڪل هلڪو هوندو آهي. هن جو تنبو، جنهن کي طبلي بہ چئبو آهي، بيضوي شڪل جو هوندو آهي. بناوت ۾ آخري سري تائين مخروطي شڪل اختيار ڪري اٽڪل ڏيڍ گز ڊگهي ڏنڊيءَ سان جڙيل هوندو آهي، هن ۾ پنج تارون ۽ چوڏهن سندريون ٿين ٿيون. هن جي وڄائڻ جو نمونو چيڪاريءَ جهڙو آهي ۽ يا ستار وانگر بہ وڄائبو آهي. هڪ آڱر ۾ مضراب وجهي ان سان تارن کي ڇيڙبو آهي ۽ ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ تارن کي قابو رکي گهربل آواز ڪڍي راڳ ڳائبو آهي. هي ساز ڏيڍ وال ڊگهو ٿئي ٿو.