چترا سنگهه

چترا سنگهه

چترا سنگهہ

چترا سنگهہ: هندستان جي ناليواري غزل گائڪا چتراسنگهہ، ڪلڪتي جي هڪ بنگالي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو چترا دتا آهي. چتراسنگهہ جڳ مشھور غزل گائڪ سرڳواسي جگجيت سنگهہ جي گهر واري آهي. هن جگجيت سان گڏجي ڪيترا غزل ڳايا، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ مشھور ٿيا. چترا ۽ جگجيت جا ڪيترا گڏيل البم رليز ٿيا، جن بہ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. چتراسنگهہ موسيقيءَ جي ڪا مخصوص سکيا تہ نہ ورتي هئي، پر جيئن تہ سندس ماءُ هڪ ڪلاسيڪل ڳائڻي هئي، ان ڪري راڳ کيس ورثي ۾ مليو.
جگجيت سنگهہ سان سندس ملاقات بمبئيءَ ۾ 1965ع ڌاري ٿي ۽ اها ويجهڙائپ وڌندي رهي ۽ 1969ع ۾ ٻئي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. شاديءَ وقت اڳئين مڙس مان هڪ ڌيءُ مونيڪا هئي، جنهن 2009ع ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. جگجيت سنگهہ سان شاديءَ کان پوءِ 1971ع ۾ کيس هڪ پٽ وويڪ ڄائو، جيڪو بہ 18 سالن جي عمر ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو، پٽ جي صدمي سبب چتراسنگهہ ڳائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ جگجيت ۽ سندس وچ ۾ بہ عليحدگي ٿي وئي.
چتراسنگهہ جا هندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ ۾ غزلن جا ڪيترائي البم موجود آهن. ان کان سواءِ ڌرمي حوالي سان بہ ڪيترا ڀڄن وغيرہ ڳاتا، جن ۾ ’هاءِ رام‘، ’شابداس‘، ’ڪرشنا‘ ۽ ’چراغ‘ تمام گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڳايل بنگالي گيت اڄ بہ دنيا سميت ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا. سندس اردو غزلن ۾ ’يه تـيـرا گهـر، يـه ميـرا گهـر‘، ’تـم آؤ تـو سـهـي‘، ’وُه نهين ملتا مجهي‘، ’ساري بدن ڪا خون‘ وڌيڪ مشھور ٿيا.
چترا جي جگجيت سنگهہ سان گڏ جاري ڪيل البمن ۾ ’عشق ۾ غيرت جذبات هي‘، ’آئي هين سمجهاني لوگ‘، ’اس ڪي حسرت هي‘ وغيرہ مقبول رهيا.


لفظ چترا سنگهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو