چترڪاري/ مصوري

چترڪاري/ مصوري

آئـل پـيـنٽ

آئـل پـيـنٽ

پيسٽل

پيسٽل

گوچي

گوچي

چترڪاري/ مصوري

چترڪاري/ مصوري

چترڪاري/ مصوري

چترڪاري/ مصوري (Painting): چترڪاري/ مصوري فنون لطيفه جو هڪ قسم آهي، جيڪو قديم دور جي انسان جي ايجاد آهي. چتر جي معنيٰ آهي ’چٽ‘، ان ڪري چترڪاري، چٽن يا تصويرن ڪڍڻ جي فن کي چئبو آهي. اوائلي انسان جي چترڪاريءَ جا نقش غارن اندر، ڀتين ۽ ڇتين تي ٺاهيا ويا، جنهن جا نمونا دنيا جي ڪيترن حصن ۾ اڄ به ملن ٿا. سڀ کان قديم نقش نگاريءَ جا نمونا فرانس مان دريافت ٿيا آهن، جن بابت تاريخدانن جو چوڻ آهي ته اهي 32 هزار سال پراڻا آهن. ان کان سواءِ آثار قديمه جي ماهرن جبلن تي نـقـش نـگـاريءَ جـا ڪجهه نمونا لڌا آهن، جيڪي آسٽريليا جي اتر اولهه واري خطي ’ڪِمبرلي‘ ۾ آهن، اهي 40 هزار سال پراڻا ٻُڌايا وڃن ٿا. دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن جهڙوڪ: هندستان، فرانس، اسپين، پورتگال، چين، آسٽريليا ۽ پاڪستان جي سلڪ روڊ، چترال ۽ سنڌ وغيره مان به اهڙن قديم چترڪاري/ مصوريءَ جي نمونن جا اهڃاڻ ملن ٿا. تازو دادو ضلعي جي علائقي جي ڪاڇي جي چٽن تي بدر ابڙي جو ڪتاب ’کيرٿر ۾ چٽسالي‘ ڇپيو آهي، جنهن ۾ کيرٿر ۾ قديم چٽساليءَ بابت تفصيلي معلومات ڏني وئي آهي.
چٽ ڪڍڻ جا گهڻائي نمونا آهن، سئي سڳي واري چٽ کي ’برڙ‘ چئجي ٿو. رنبي سان ڪاٺ تي ڪڍيل چٽن کي ’اُڪر‘ چئجي ٿو، پٿر تي به چٽ چٽيا وڃن ٿا، جيڪي مڪليءَ جي قديم قبرستان ۾ ڏسي سگهجن ٿا، پر ڪن چٽن ۾ رنگن جو استعمال ڪجي ٿو. اهڙا چٽ مصوريءَ جي زمري ۾ اچن ٿا. چترڪاري/ مصوري ڪرڻ لاءِ مختلف رنگن جو صحيح استعمال ڪرڻ چترڪار جي فني مهارت جي عڪاسي ڪندو آهي. تصويرن ۾ رنگن جو تاثر اوترو اهم هوندو آهي، جيترو موسيقيءَ ۾ سُر تال ۽ آواز جو هوندو آهي. چترڪاري/ مصوريءَ ۾ هر تهذيب جي رنگن جو استعمال مختلف ٿيندو آهي. جهڙوڪ: ڪارو رنگ مغرب ۾ صبح جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته اڇو رنگ وري مشرق ۾ صبح ۽ امن جي نشاندهي ڪري ٿو. ڪيترن مصورن ۽ ليکڪن جهڙوڪ: گوئٽي، نيوٽن، ڪئن ڊنسڪي، پنهنجا الڳ رنگي نظريا (Colour Theories) ڏنا آهن. رنگن جو صحيح استعمال مصور جي پورٽريٽ کي زندگي ڏئي، ان کي معنيٰ خيز بڻائيندو آهي. چترڪاري/ مصوريءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جيڪي مختلف حالتن ۾ مصوريءَ جي ضرورتن کي مدنظر رکندي چترڪار/ مصور استعمال ڪن ٿا. انهن قسمن ۾ هيٺيان اهم آهن:
آئـل پـيـنٽ (Oil Paint): هـن چـتـرڪاريءَ جي عمل ۾ رنگين مادو اهڙي نموني استعمال ڪيو ويندو آهي، جو ٻئي طرف ان مان پيدا ٿيندڙ تيل به خشڪ ٿي وڃي. هيءُ طريقو اتر يورپ ۾ هالينڊ جي چترڪاريءَ ۾ گهڻي حد تائين ڏٺو ويو آهي. سنڌ ۾ آئل پينٽ ۾ محمد علي ڀٽي شاهڪار مصوري ڪئي آهي.
پيسٽل (Pastel): هيءُ چترڪاريءَ جو طريقو هڪ ڪاٺيءَ جي شڪل ۾ خالص چنبڙائيندڙ رنگين مادي تي مشتمل آهي.
واٽر ڪلر (Water Color): هن چترڪاريءَ جي طريقي ۾ رنگين مادي کي پاڻيءَ ۾ محلول ڪري مصوريءَ ۾ استعمال ڪبو آهي. چين، ڪوريا ۽ جپان ۾ هي طريقو گهڻي قدر استعمال ٿئي ٿو. ع. ق. شيخ ۽ فتاح هاليپوٽو ۽ سندن شاگردن جو وڏو تعداد واٽر ڪلر پينٽ استعمال ڪري ٿو.
مَس (Ink): مس ذريعي چترڪاري، برش ۽ پين ۾ مس وجهي ڪئي ويندي آهي. مس متفرقه عنصرن تي مشتمل هوندي آهي، جنهن ۾ ڪيترا رنگين مادا، مددگار ۽ ڳارڻ وارا عنصر ۽ ڪاٺ وغيره شامل هوندا آهن.
فريسڪو (Fresco): هيءُ چترڪاري/ مصوريءَ جو طريقو ڀتن ۽ ڇتين تي پورٽريٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. فريسڪو (Fresco) جو لفظ اصل ۾ اطالوي آهي، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Fresh مان ورتل آهي. هيءُ طريقو 16هين صديءَ ڌاري يورپ جي ادبي تحريڪ کان وٺي استعمال ٿيندو اچي. هن کـي سـنڌي ڪـاريـگر ’اٿـيـل چـٽ‘ چـون ٿـا،

جيڪو گهڻو ڪري مذهبي جاين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ جامع مسجد ٺٽي ۽ جامع مسجد خداآباد جي گنبذن اندران اهڙا چٽ ملن ٿا.
گـوچي (Gouache): هي چترڪاريءَ جو طريقو، جـنهـن ۾ رنگـدار مادو پاڻيءَ ۾ تحليل ڪيو ويندو آهي، واٽر ڪلر کان مختلف هوندو آهي. واٽر ڪلر ۾ استعمال ٿيندڙ ذرڙا وڏا ٿيندا آهن ۽ پاڻيءَ ۾ رنگدار مادي جو تناسب به گهڻو ٿيندو آهي.
ان کان سواءِ چترڪاري/ مصوريءَ جي فن ۾ انئمل (Enamel)، اسپري پوائنٽ (Spray Point) ۽ ٽيمپرا (Tempra) شامل آهن، جن چترڪاريءَ جي قديم فن کي جدت بخشي آهي.
چترڪاريءَ/ مصوريءَ جي فن ۾ سنڌ جو پنهنجو الڳ مقام آهي، جنهن جي تاريخ تمام قديم آهي ۽ ان جا اوائلي اهڃاڻ سنڌو ماٿريءَ جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان به هٿ آيا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته مصوريءَ ۽ مجسمن ٺاهڻ جو فن سنڌو تهذيب ۾ آڳاٽو موجود هو، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قديم دؤر جي انسانن ايجاد ڪيو. سنڌو ماٿريءَ ۾، چترڪاريءَ جي فن جا اوائلي اهڃاڻ، مٽيءَ جي ٿانوَنِ تي نظر اچن ٿا، جن جا نشان ۽ نمونا آمريءَ جي دڙي، ڪوٽڏيجيءَ، موهن جي دڙي، هڙپا جي آثارن، ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيل ٿانوَنِ تي صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل ٿانوَنِ تي انسان، جانورن، پکين ۽ گلن ٻوٽن جون شڪليون ۽ چٽ چٽيل آهن. انهن کي ئي هن فن جي شروعاتي صورت چئي سگهجي ٿو.
سر مارٽم وهيلر پنهنجي ڪتاب ‘The Indus Civilization’ جي ٽئين ايڊيشن ۾ لکيو آهي ته موهن جي دڙي جي آثارن مان هٿ آيل ٿانوَنِ تي گهڻو ڪري ٽن رنگن ۾ نقش نگاري/ چٽسالي ٿيل آهي. انهن ٽن رنگن ۾ ڦڪو، گلابي، ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ استعمال ٿيل آهن، پر گلابي ۽ ڦِڪي رنگ جو استعمال آمري ۽ مهرڳڙهه ۾ گهڻو استعمال ٿيل آهي.
ساڳئي موضوع تي آمريڪي ماهر ڊاڪٽر جي. وي. ڪناير پنهنجي ڪتاب ‘The Ancient Cities of Indus Valley Civilization’ (1998) ۾ لکيو آهي ته: ”مٽيءَ جي ٺهيل مرتبان (Jar) جي مٿان بنيادي ڳاڙهي رنگ جو تهه چڙهيل آهي ۽ ان تهه تي وري ڪاري رنگ جي چٽسالي ڪيل آهي، جنهن چٽساليءَ ۾ مور، سائي رنگ جي گلڪاري ۽ هڪٻئي کي ڪپيندڙ گول شڪليون ٺهيل آهن. اهو مرتبان (Jar) چانهونءَ جي دڙي مان لڌو ويو آهي.“
اسلامي دؤر کان اڳ واري دؤر جي هٿ آيل ٿانوَنِ ۾ ڪي ٿانوَ ڏاڍا اهم آهن. انهن ٿانوَن تي ٿيل چٽساليءَ مان اهو ثبوت ملي ٿو ته سنڌو ماٿر ۾ چترڪاريءَ جو فن گهڻو آڳاٽو آهي. هڪ ٿانوَ تي هڪ نچندڙ ماڻهن جي
جوڙي ۽ سورج مکيءَ جا گل ٺهيل آهن. اهي سڀ ٿانوَ هن شهر جي اسلامي دؤر کان اڳ آباد هجڻ ۽ مصوريءَ جي فن جو ان دؤر ۾ به موجود هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا. اهڙيءَ طرح ٿرپارڪر ۾ گوڙيءَ جي مندر ۽ ڀوڏيسر جي مندرن جي گنبذن جي اندرين پاسن کان چٽ ۽ تصويرون ٺهيل ملن ٿيون.
سنڌ ۾ ٻين لطيف فنن وانگر هن فن به سمن ۽ سومرن جي دؤر ۾ گهڻي ترقي ڪئي، خاص ڪري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ ٻين علمن سان گڏ چترڪاريءَ جي فن وڏي ترقي ڪئي. ڪيترا فنڪار ۽ چترڪار آذربائيجان، ازبڪستان، تاجڪستان، ايران ۽ ٻين ملڪن مان لڏي سنڌ اچي آباد ٿيا. ان ڪري جتي سنڌ جو سماجي ۽ معاشي ڍانچو بريءَ طرح متاثر ٿيو، اتي ٻاهرين هنرمندن جي اچڻ سان چترڪاريءَ جي فن ۾ جدت آئي.
پاڪستان جي آرڪيالاجي کاتي جي ماهر شيخ خورشيد حسن پنهنجي مقالي ‘Paintings in Muslim Sindh’ ۾ لکيو آهي ته راجپوت ۽ مغل چترڪاريءَ جي روايت سنڌ جي چترڪارن ۽ فنڪارن تي نه فقط پنهنجا اثر ڇڏيا، پر انهن ۾ اتساهه به پيدا ڪيو. انهيءَ چترڪاريءَ جو ثبوت ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ چترڪارن جون ٺاهيل تصويرون ۽ چترڪاريءَ جا ٻيا فن پارا شامل آهن. ڪلهوڙن جي دور کي مذهبي جاين تي چٽساليءَ جي عروج وارو زمانو چئي سگهجي ٿو.
حـيـدرآباد جـي ٽـالـپـر شاهي خاندان جي ڪتبخاني ۾ موجود اردو زبان ۾ لکيل هڪ باتصوير ديوان موجود آهي، جنهن ۾ تمام ننڍڙين تصويرن کان سواءِ ڪيترن بادشاهن ۽ مشاهيرن جي تصويرن جي مصوري ڪيل آهـي. انـهـن تـصـويــرن ۾ ايــران جي قـاچـار خـانـدان جي شهنشاهه فتح علي شاهه قـاچـار، شـهنـشاهه هـمـايون، شهنشاهه اورنگزيب، مغل راڻي نورجهان، سنڌ جي بادشاهه مير فتح علي خان ٽالپر، خيرپور جي حاڪم مير رستم علي خان ٽالپر وغيره جون تصويرون خاص طور قابل ذڪر آهن. ’ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما‘ عنوان واري مقالي ۾ ٽالپر دؤر جي مشهور مصورن جا نالا مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ۽ ٻيا ڄاڻايل آهن.
ٽالپر حڪمرانن کان پوءِ چترڪاريءَ جو فن انگريزن جي دؤر ۾ به سنڌ ۾ جاري رهيو. مسجدن ۽ ڪن درويشن جي درگاهن ۽ مقبرن ۽ حاڪمن جي محلن جون ديوارون، چٽساليءَ ۽ نقش نگاريءَ جي ڪري اڄ به مشهور آهن. ان کان سواءِ تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي ويجهو شاهه طُريل اسماعيلي درويش جي درگاهه جون اندريون ديوارون گجراتي فن مصوريءَ جي ڪري مشهور هيون. مير عظيم ٺٽوي، ٽالپر دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ٺٽي وارو بنگلو، ديوارن تي چترڪاريءَ سبب مشهور هو. دادو ضلعي ۾ ميرن جي قبرستان ۾ ٺهيل قبن اندر ديوارن تي چترڪاري ٿيل آهي، جنهن ۾ قبيلن جا سردار ويٺل ڏيکاريا ويا آهن. هڪ تصوير ۾ گهوڙي ۽ هاٿيءَ تي ويٺل سوارن کي لڙائيءَ واريءَ حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
انگريزن جي دؤر کان پوءِ سنڌ جي مشهور مصورن ۾ ع. ق. شيخ جو پنهنجو نمونو آهي ته وري گل محمد کتريءَ، ظفر ڪاظمي ۽ علي اڪبر سومري جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هي سنڌ جا جينيس چترڪار ليکيا وڃن ٿا. ظفر ڪاظميءَ ته سنڌ ميوزيم حيدرآباد جو سمورو تخليقي ڪم پاڻ سرانجام ڏنو. علي اڪبر سومري شاهه جي بيتن تي شاهڪار مصوري ڪئي آهي، جنهن تـي مـشـتمـل ‘Illustrated Works of Shah A. Latif Bhitai’ سـنـدس ڪتاب ڏيهه پرڏيهه ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. منظرڪشيءَ ۾ مسرت مرزا، عبدالرحيم ناگوري، فتاح هاليپوٽو، رضوان عمراڻي، لال محمد پٺاڻ، عظيم چانڊيو به انفراديت رکن ٿا. نئين ٽهيءَ ۾ خدابخش ابڙو، محمد علي ڀٽي، راز ناٿن شاهي، هارون چنو، ساجد قريشي، احمد علي مڱڻهار، نعمت خلجي، خالد سومرو، حفيظ قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌي هئڻ ناتي هن فن کي فروغ ڏنو آهي. چترڪارءَ جي فن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ سال 1972ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائين آرٽس جو شعبو قائم ڪيو ويو، جيڪو هينئر سينٽر آف آرٽس اينڊ ڊزائين طور ڪم ڪري رهيو آهي. ابتدا ۾ هن شعبي ۾ عبدالرحيم ناگوري ۽ مسرت مرزا استاد طور مقرر ٿيا. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايجوڪيشن واري شعبي ۾ ظفر ڪاظميءَ کي انهن استادن جي سکيا لاءِ رکيو ويو. ساڳيءَ ريت سنڌ سرڪار ٽريننگ ڪاليج (ميل) واري ڊرائنگ جي شعبي کي ترقي ڏياري، سڄيءَ سنڌ ۾ هاءِ اسڪولن ۾ مقرر ٿيل ڊرائنگ ماسترن جي وڌيڪ سکيا لاءِ ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر جي نالي سان هڪ نئون اداروقائم ڪيو ۽ ع. ق. شيخ کي ان جو پهريون پرنسپال مقرر ڪيو ويو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽر آف آرٽس اينڊ ڊزائين واري شعبي مان ڪيترا سٺا آرٽسٽ تيار ٿي نڪتا آهن، جن ۾ نعمت خلجي، لئنڊاسڪيپ جو سٺو مصور آهي، لطف انصاري، سعيد منگي، علي عباس، غلام قاسم خاصخيلي، نصرت منگي، رياض منگي، عظميٰ ڪاظمي ۽ ٻيا به ڪيترا اعليٰ پايي جا آرٽسٽ شامل آهن. آرٽس فئمليءَ طور مشهور محمد عالم ابڙو، دارا عالم ابڙو، اياز عالم ابڙو، ساقي عالم ابڙو، منصور عالم، شبير عالم، قيص عالم (مرحوم) ۽ طارق عالم (مرحوم) پڻ چترڪاريءَ ۾ پاڻ ملهائي چڪا آهن.
ان کان سواءِ خاتون آرٽسٽ بيگم غلام علي مرزا وهاڻن جي ڇَئُن، بسترن جي چادرن ۽ صوفا سيٽن جي گادين جي ڪوَرن تي گُلڪاريءَ ۾ سٺي آرٽسٽ آهي. قاضي خضر حيات ڪيليگرافيءَ ۽ مجسمي سازيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. نور محمد پٺاڻ، وحيده قاضي ۽ قاضي منظر حيات به هن فن ۾ مهارت رکن ٿا. ع. ق. شيخ جي نياڻي رشيده بلوچ ۽ شگفته شاهه عام چترڪاريءَ، گلڪاريءَ ۽ اسڪيچ ڊرائنگ ۾ سٺي ڄاڻ رکن ٿيون.
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ۾ سنڌي لنگئافون پراجيڪٽ جي ورڪ بوڪ اسڪيچن تي علي اڪبر سومري ئي ڪم ڪيو آهي. جنهن شاهه لطيف جي بيتن کي به پنهنجي مصوريءَ ۾ ڪمال واري انداز سان پيش ڪيو هو.
فيڊرل ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊزائيننگ توڙي سينٽر فار ايڪسيلينس، آرٽ اينڊ ڊزائين، ڄام شوري مان مستقبل ۾ سنڌ لاءِ سٺن آرٽسٽن جي پيدا ٿيڻ جون اميدون ڪري سگهجن ٿيون. هارون چنا پڻ سنڌ جي چترڪاريءَ/ مصوريءَ ۾ مهارت رکي ٿو. شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي ڪيترن بيتن تي ٺهيل سندس اسڪيچ شاهڪار آهن. هن مصوريءَ جي ميدان ۾ به پاڻ مڃايو آهي. ان کان سواءِ فتاح دائودپوٽو، چندر اداسي، اياز جوکيو، مهراڻ جوکيو ۽ ٻيا ڪيترا آرٽسٽ چترڪاريءَ ۾ فن جو بهترين اظهار ڪري رهيا آهن.


لفظ چترڪاري/ مصوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو