چراغ شاه: سيد چراغ شاھہ، اُچ جي سيد جلال الدين شاھہ سرخ بخاريءَ جي اولاد مان هو ۽ سيد عيسيٰ عبدالوهاب جي درگاھہ جو سجادہ نشين هو. هيءُ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو همعصر هو. جڏهن دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ جنگي معرڪا ٿيا ۽ دائود پوٽا هارائي ويا تڏهن سيد چراغ دائودپوٽن کي ڇڏائڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ وڏي عزت مليس. دٻلي ٻيٽ واري جنگ کانپوءِ اُچ جي سيدن دائودپوٽن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. 1140ھہ/1727ع ۾ دائودپوٽا دٻلي ٻيٽ مان نڪري اُچ هليا ويا. انهيءَ صلح لاءِ اچ جي ٽن سيدن دائودپوٽن جي سفارش ڪئي. اچ جي گيلاني درگاھہ جو سجادہ نشين سيد عبدالقادر گيلاني، سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاھہ جو سجادہ نشين سيد حامد نوبهار شاھہ ۽ سيد عيسيٰ عبدالوهاب جي درگاھہ جو سجادہ نشين سيد چراغ شاھہ شامل هو.