چرس

چرس

چرس

چرس

چرس

چرس (Hashish): چرس هڪ نشي آور مادو آهي. ڀنگ جي ٻوٽيءَ جي پنن ۽ گلن وغيره کي گهوٽي هڪ رطوبت تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن کي چرس چوندا آهن. نشي جا عادي چرس نشي طور استعمال ڪندا آهن ۽ مٽيءَ جي سـلـفـيءَ ۾ چـرس جـي ڳـوڙهيءَ کي باهه ڏئي، پـيـئنـدا آهـن. اڄـڪـلهه سڄـيءَ دنـيـا ۾ ڪيـترا عـادي مـاڻهـو چـرسُ، سـگـريـٽ يـا ٻِيـڙيءَ ۾ وجهي پيئندا آهن. چرس ليئيءَ (Paste) جهڙو مادو ۽ هلڪو ڪارو ڀورو هوندو آهي.
چرس اصل ۾ اولهه ايشيا ۾ وڏي تعداد ۾ ملي ٿو، جتي ڀنگ جو ٻوٽو گهڻو پيدا ٿئي ٿو. پاڪستان جا اتريان علائقا به ڀنگ پوکڻ جي حوالي سان مشهور آهن. جتي ڀنگ جي ٻوٽن کي ٻين نشيدار شين سان ملائي چرس ٺاهيو ويندو آهي. ننڍي کنڊ ۾ چرس راجسٿان، اولهه بنگال ۽ هماليه جي آسپاس عام جام ملندو آهي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ چرس جي کپت ۾ وڏو اضافو ٿيو. يورپ ۽ آمريڪا به چرس جي تجارت ۽ واپرائڻ ۾ سرگرم رهيا آهن. ڀنگ جا ڪي خاص قسم پوکيا ويندا آهن، جن مان صرف چرس ٺهندو آهي.
موراڪو، يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ چرس کي تماڪ سان ملائي، سگريٽ جي صورت ۾ پيتو ويندو آهي.
چرس جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي. هن جي واپرائڻ سان انساني جسم کي ڪافي نقصان رسي ٿو. جهڙوڪ: چرس جسم کي سنهو ڪري ٿو، بک گهٽائي ٿو، حواس باخته ڪري ٿو ۽ گهڻي استعمال سان چريائيءَ جي نوبت به اچي سگهي ٿي. چرس جو حد کان وڌيڪ استعمال موت جو ڪارڻ به بنجي سگهي ٿو.


لفظ چرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو