چرنداس سهاڻي

چرنداس سهاڻي : نامياري اديب چرنداس ٺاڪرداس سهاڻيءَ جو جنم، 26 جون 1905ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ سوانح نگار رهيو آهي. ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿائين. ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي بمبئيءَ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين. چرنداس سهاڻيءَ 15 ڪتاب لکيا، سندس ڪجھه ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:(1) ’سنڌي ساهتيه جو ابو: ديوان ڪوڙومل چندن مل‘ 1927ع ۽ 1962ع، (2) ’جيون مڪت، ڀڳت واڌو رام‘ 1923ع ۽ 1966ع، (3) ’نانڪ ۽ نر نڪاري‘ 1969ع، (4) ’شري واڌا ۽ شري ڪرشن جا پريم آلاپ‘ (1971ع)، (5) ’يوگ وششٽ‘ 1979ع، (6) ’سندر سوکڙي‘ (1953ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.06.26  عيسوي

نامياري اديب چرنداس ٺاڪرداس سهاڻيءَ جو جنم، 26 جون 1905ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحق مولوي
ٻلديو مٽلاڻي
ناصر بلوچ
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
حبيب سنائي
غلام حسين شيخ
طارق اشرف
رزاق سروهي
پرويز علي محمد
حشو ڪيولراماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون