چرنداس سھاڻي

چرنداس سھاڻي : نامياري اديب چرنداس ٺاڪرداس سهاڻيءَ جو جنم، 26 جون 1905ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ سوانح نگار رهيو آهي. ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿائين. ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي بمبئيءَ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين. چرنداس سهاڻيءَ 15 ڪتاب لکيا، سندس ڪجهه ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:(1) ’سنڌي ساهتيہ جو ابو: ديوان ڪوڙومل چندن مل‘ 1927ع ۽ 1962ع، (2) ’جيون مڪت، ڀڳت واڌو رام‘ 1923ع ۽ 1966ع، (3) ’نانڪ ۽ نر نڪاري‘ 1969ع، (4) ’شري واڌا ۽ شري ڪرشن جا پريم آلاپ‘ (1971ع)، (5) ’يوگ وششٽ‘ 1979ع، (6) ’سندر سوکڙي‘ (1953ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.06.26  عيسوي

نامياري اديب چرنداس ٺاڪرداس سهاڻيءَ جو جنم، 26 جون 1905ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل محمد شاھہ بخاري
ضراب حيدر
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
سنڌو ميراڻي
ساجده پروين ڊاڪٽر
چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
عبدالله خان مگسي
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون