چرن داس گُر سھاڻي

چرن داس گُر سھاڻي: مشھور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نويس ۽ ليکڪ، چرنداس ٺاڪر گُر سهاڻي، 26 جون 1905ع تي ڀرياسٽِي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هن ڪيترا مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. ورهاڱي کان اڳ ’ديوان ڪوڙو مل ساهتيہ منڊل‘ نالي ادارو قائم ڪري، ان پاران ڪيترا ڪتاب ڇپايائين. ورهاڱي کان پوءِ ممبئيءَ جي باندرا علائقي ۾ وڃي رهيو. سندن 15 کن ڪتاب ڇپيل آهن. سندس پهريون ڪتاب ’ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي جيوني‘ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪي اهم هي آهن.
(1) ’سنڌي ساهتيہ جو ابو ديوان ڪوڙومل چندن مل‘ (جيوني: 1927ع ۽ ٻيو ڇاپو: 1962ع)، (2) ’جيون مڪت: ڀڳت واڌورام‘ (جيوني: 1923ع ۽ ٻيو ڇاپو: 1966ع)، (3) ’نانڪ نرنڪاري‘ (جيوني: 1969ع)، (4) ’شري راڌا ۽ شري ڪرشن جا پريم گيت‘ (جيوني: 1971ع)، (5) ’يوگ وششٽ‘ (1979ع) ۽ (6) ’سندر سوکڙي‘ (1953ع). هن ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب لکيا، جيڪي نصاب ۾ پڙهايا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.06.26  عيسوي

مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نويس ۽ ليکڪ، چرنداس ٺاڪر گُر سهاڻي، 26 جون 1905ع تي ڀرياسٽِي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد ٽالپر
چانڊيو امير احمد ’امير‘
رمضان دلدار چڍڙ
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
چانڊيو منير2
نذير احمد چنا
حضور بخش صوفي
عقيل عباس جعفري
عنايت ﷲ زنگيجو
علي اظهار
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون