چريو واهڙ

چـريو واهـڙ: ڪـنهـن دور ۾ سـنـڌوءَ جو وهڪرو ڳوٺ صالح پور، ديھہ ڪچي رَٻَ، تعلقي دادوءَ ۾ مهرائن جي ڳوٺ کان اوڀر ۾ وهندو هو. اڳتي هلي درياھہ پراڻي ديري کان ’پراڻ‘ ڇڏي، سڌو مٺياڻي بندر کان ڪاريجن ڳوٺ ڏي موٽ کاڌي هئي. صالح پور کان وهندڙ درياھہ جي پراڻ تيز واهڙ وانگر وهي ڪنارا پائڻ لڳي ۽ واھہ جي صورت اختيار ڪري وئي، جنهن تي ماڻهن ’چريو واهڙ‘ نالو رکيو. هي واھہ ٺھڪڻ تڙ کان نرڪندو هو، جنهن جو وهڪرو تمام تيز هو. هن واھہ جي ڪناري تي غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جي لانڍي ۽ بنگلا آهن. جن کي پڪي لانڍي سڏجي ٿو. هي چريو واهڙ اڃا بہ موجود آهي.


لفظ چريو واهڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو