چريو ڌاتورو

چريو ڌاتورو

چريو ڌاتورو

چريو ڌاتورو (Datura Alba): ڌاتوري جو ٻوٽو سنڌ ۾ چريي ڌاتوري طور مشھور آهي. هيءُ هڪ ننڍو ٻوٽو ٿيندو آهي، جيڪو زرعي زمينن ۾ پاڻمرادو اُسرندو آهي. هن ٻوٽي جون دنيـا ۾ 15 جـنسـون مـلـن ٿيـون، جـن مان 10 سنڌ ۾ موجود آهن. هي ٻوٽو زمين ۾ ڇھن فوٽن تائين پـاڙ هڻي ٿو ۽ ٻن کان ٽي فوٽ اوچو ٿيندو آهي. هن ٻوٽي جي پنن ۾ هڪ خطرناڪ قسم جا جزا ٿين ٿا، جنهنڪري هن جو پن واپرائڻ سان ماڻهوءَ تي هڪ خُماري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ هو بي ساختہ عجيب قسم جون حرڪتون ڪرڻ لڳندو آهي ۽ بيحال ٿي ويندو آهي، ان ڪري هن ٻوٽي کي سنڌ جا ماڻهو ’چريو ڌاتورو‘ چوندا آهن. هيءُ ٻوٽو سڄيءَ دنيا ۾ طبي حوالي سان ڪم ايندو آهي ۽ سنڌن جي سور، مشڪن، ٻنڌڻن جي سوڄ ۽ سور وارين بيمارين ۾ دوا طور ڪم اچي ٿو. آيرويدڪ ۽ يوناني طب ۾ هن ٻوٽي جو تيل ڪڍي پراڻي زخم ۽ ناسور جي علاج طور ڪم آندو ويندو آهي.
هن ٻوٽي جا سمورا حصا پن، گل، ڏانڊيون وغيرہ طب ۾ ڪم اچن ٿا. ايلوپيٿيءَ واري علاج ۾ بہ هي ٻوٽو دم، سنڌن جي سور، بيهوشي ۽ ڪهني کنگهہ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
چين جي طبي ماهرن تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي تہ ڌاتوري جي ٻوٽي يا پتي مان تيار ڪيل جوهر آپريشن دوران مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.
16هين صدي عيسويءَ ۾ چين جي منگ خاندان جي دور حڪومت ۾ هڪ مشھور طبيب لائي شيھہ چين پنھنجي ڪتاب ’ڪامپينڊيم آف مٽيريا ميڊيڪا‘ ۾ ڌاتوري جي گل سان بيهوشي طاري ٿيڻ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.


لفظ چريو ڌاتوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو