چرُون2: چرون کي روز مره جي ٻوليءَ ۾ ’لپ‘ بہ چئجي ٿو. هڪڙي هٿ جي آڱرين کي اهڙيءَ طرح موڙڻ جيئن هٿ ۾ ننڍو پيالو ٺھي وڃي، جنهن ۾ پاڻي، تيل وغيرہ کڻجي. يعني هڪڙي هٿ جي تريءَ ۾ ڪنهن بہ شيءِ کي اهڙيءَ طرح کڻڻ يا رکڻ جيئن اها هارجي نہ سگهي. ان ماپ جي پاڻيءَ يا تيل کي چرُون چئبو آهي.
- تماڪ جي پنن مان ٺهيل هڪ قسم جي وڏي ۽ ٿلهي ٻيڙيءَ کي چرون چئجي ٿو، جنهن کي جديد ٻوليءَ ۾ ’سِگار‘ چئبو آهي.