چرک: ٿر جي اونهن کوهن ۽ ننڍين ويرئين (کوهين) جي کوٽائيءَ بعد انهن جي تري ۾ ڪنڊيءَ جي چئن يا وڌيڪ مضبوط ڪاٺين کي ’چرخي‘ جي شڪل ۾ کُپائي بيهاربو آهي تہ جيئن کوھہ جي پيڙھہ مضبوط ٿئي. ان کي ٿريءَ ۾ ’چرک‘ چئبو آهي. هي چرک ٿر جا سوٽهڙ واڍا ٺاهيندا آهن. چرک کي جامع سنڌي لغات (بلوچ) ۾ کوھہ جو ’چڪ‘ سڏيو ويو آهي.