چشتيان

چشتيان: چشتيان پنجاب جي ضلعي بھاول نگر جو مشھور شھر آهي، هتي صوفي بزرگ بابا تاج الدين سرور چشتيءَ جو مقبرو آهي. هيءُ شھر بابا فريد الدين شڪر گنج جي پوٽي بابا تاج الدين سرور جي نالي سان منسوب آهي. هتي هر سال ذو الحج جي مهيني ۾ بابا تاج الدين سرور جو عرس لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن. هن شھر ۾ هڪ ٻئي وڏي بزرگ خواجہ نورمحمد مهاروي جي مزار بہ موجود آهي. شھر ۾ ڪپھہ ۽ اناج جون منڊيون بہ آهن.


لفظ چشتيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو