چشتي حڪيم شمس الدين

چشتي حڪيم شمس الدين: حڪيم شمس الدين چشتي ولد فقير محمد امرتسر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد ۽ مولانا محمد عالم ’آسي‘، امر تسر واري کان حاصل ڪئي. 1944ع ۾ طبيه ڪاليج لاهور مان ’حڪيم حاذق‘ جو امتحان پاس ڪيائين. بستي شريف (هوشيار پور) جي سجادہ نشين خواجہ ميان محمد خان چشتي نظاميءَ جي هٿ تي بعيت ڪيائين. 1947ع ۾ هجرت ڪري پاڪ پتڻ شريف ۾ وڃي مستقل طور رهيو، جتي هن فلاحي ۽ اصلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هيءُ بابا فريد گنج شجر جي مزار تي ايندڙ فقيرن، درويشن، عالمن، ۽ مزار جي خادمن جو علاج ڪندو هو. ’مسعوديه علويه‘ لائبرريءَ جي سار سنڀال سندس ذمي هئي. بابا فريد جي عرس جي موقعي تي پنھنجي گهر جي ٻاهران ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل لڳائيندو هو، جيڪا سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند حڪيم سديد الدين سنڀالي. هيءُ هڪ سٺو خطاط بہ هو. حڪيم شمس الدين چشتيءَ، 14 جون 1993ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.14  عيسوي

حڪيم شمس الدين چشتيءَ، 14 جون 1993ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريني ڊيڪارٽ
جلال محمد هالائي مخدوم
علياڻي محمد ڄام
عطيہ دائود
امداد حسين
اقبال چوڌري
ڄام لاکو ڦلاڻي
اي جي چانڊيو
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
سوئيڪارنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون