
چشتي خواجه معين الدين جو روضو
چشتي خواجہ معين الدين: هندستان ۾ چشتي سلسلي جي باني ۽ بزرگ ولي خواجہ معين الدين چشتيءَ جي ولادت 536ھہ/1141ھہ ۾ سيستان جي ڳوٺ سنجر ۾ ٿي. خواجہ صاحب هندستان جي شھر اجمير ۾ 633ھہ/ 1235ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بہ اجمير ۾ آهي. سندس والد خواجہ غياث الدين حسين وڏو واپاري ۽ اثر وارو انسان ٿي گذريو آهي. چشت ۾ بدامني ڏسي والد سان گڏ خراسان هليو ويو. پندرهن سالن جو هو تہ والد فوت ٿي ويس. هڪ سال پوءِ سندس ماءُ پڻ فوت ٿي. کيس ورثي ۾ باغباني ملي. هڪ ڀيري سندس ملاقات هڪ مجذوب ابراهيم قلندروزيءَ سان ٿي تہ خواجہ جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. روزگار جا وسيلا وڪڻي غريبن ۾ تقسيم ڪري سمرقند ۽ بخارا هليو ويو. قرآن حفظ ڪيائين ۽ رائج ديني تعليم جا سڀ ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. خواجہ عثمان هارونيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري تصوف جون منزلون طئي ڪيائين.
اڍائي سالن کانپوءِ مڪي، مديني ۽ عرب دنيا جي ڪجهہ ٻين شهرن جو سفر بہ ڪيائين. افغانستان ۽ ايران جي اڪثر شهرن مان ٿيندو تبليغ ۽
هدايت لاءِ هندستان پهتو. لاهور ۾ داتا جي درٻار ۾ بہ ڪجهہ عرصو گذاري دهليءَ پهتو. اهو شھاب الدين غوريءَ جو دور هو. بعد ۾ اجمير پهتو ۽ دين جو فلسفو عام ڪيائين. لکين ماڻهن خواجہ صاحب جي صحبت ۾ اسلام قبول ڪيو. ڪي ڪتاب بہ ڏانهس منسوب آهن. مغل بادشاھہ، درگاھہ اجمير جو خاص خيال رکندا هئا. اڪبر بادشاھہ ڪجهہ موقعن تي آگري کان اجمير پيرين پيادل آيو. خواجہ بختيار ڪاڪي (دهلي) سندس خاص خليفو هو. خواجہ معين الدين جو عرس هر سال 6 رجب تي ٿيندو آهي.