چشتي سلسلو

چشتي سلسلو: صوفي بزرگن جي تعليمات جو هڪ سلسلو ’چشتيه‘ سڏجي ٿو، جيڪو تصوف جي اهم سلسلن: سهرورديه، قادريه ۽ نقشبنديه سان گڏ هڪ اهم سلسلو سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ سلسلو خراسان جي شھر ’چشت‘ سان منسوب آهي، جتي ديني بزرگ روحاني اصلاح جي تربيت ڪندا هئا. هن سلسلي جو باني حضرت ابو اسحاق چشتيرح چيو وڃي ٿو، جيڪو حضرت خواجہ ممشاد علي دينوريءَ جو خليفو هو، جنهن جي وفات 329ھہ/ 940ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ ٿي.
چشتيه سلسلي جو مکيہ اڳواڻ خواجہ معين الدين اجميري چشتي هو، جيڪو چشت جو رهاڪو هئڻ ڪري سندس صوفي سلسلو بہ چشتيه يا چشتي مشھور ٿيو. ڪتاب ’اولياء بھاولپور‘ جو مصنف مسعود حسن شھاب لکي ٿو تہ: ”هن سلسلي جي اڳواڻ خواجہ معين الدين چشتيءَ جي طريقت جو سلسلو ڇھن واسطن سان حضرت خواجہ ابو اسحاق چشتيءَ سان وڃي ملي ٿو.“ اهڙيءَ طرح ٻين سلسلن وانگر هيءُ طريقو بہ حضرت علي عليہ السلام سان هيٺينءَ ريت ملي ٿو:
خواجہ ابو اسحاق شامي چشتي خليفو خواجہ ممشاد علي دينوريءَ جو، جيڪو خواجہ امين الدين ابو هيرة البصريءَ جو، جيڪو خليفو خواجہ سيد بدرالدين حذيفه المرعشيءَ جو، جيڪو خليفو حضرت خواجہ ابراهيم ادهم جو، جنهن فيض ورتو حضرت خواجہ ابو علي ابوالفيض الفضيل بن عيارث (803ع) کان، جنهن فيض ورتو حضرت خواجہ ابي الفضل عبدالواجد ابن زيد بصريءَ کان، جيڪو فيض يافتہ هو خواجہ حسن بصريءَ جو ۽ جنهن فيض حاصل ڪيو حضرت علي عليھ السلام کان، جيڪو سمورن سلسلن جو سرواڻ آهي. حديث نبويءَ موجب علم جو شھر نبي پاڪ صلعم ۽ حضرت عليعه اُن جو دروازو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلو: خواجہ معين الدين چشتيءَ کان اڳ بہ ڪجهہ بزرگ هندستان ۾ آيا هئا. جھڙوڪ: خواجہ ابو احمد بن ابي احمد، جيڪو سلطان غزنويءَ سان گڏ آيو هو، پر حقيقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلو جاري ڪرڻ جو شرف خواجہ معين الدين چشتيرح کي ئي حاصل آهي. پاڻ پرٿوي راج (1192- 1149ع) جي دور ۾ هندستان ۾ آيو. اجمير کي مسڪن بڻائي، اتان تبليغ شروع ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ اجمير راجپوتن جو مضبوط مرڪز ۽ هندن جو مذهبي ڳڙھہ هو، پري پري کان عقيدتمند رسمون ادا ڪرڻ لاءِ اتي ايندا هئا. شيخ عبدالحق محدث دهلويرح ’اخبار الاخيار‘ ۾ اجمير جي مذهبي اهميت بيان ڪندي لکيو آهي تہ: ”هن (خواجہ معين الدين) هڪ اهڙي زبردست سياسي مذهبي مرڪز ۾ رهڻ جو فيصلو نہ فقط خواجہ صاحب جي عزم جي ترجماني ڪري ٿو، پر ان غير معمولي خود اعتماديءَ جو آئينہ دار پڻ آهي.“
خواجہ معين الدين چشتيءَ هندستان ۾ وڏو روحاني ۽ سماجي انقلاب آندو، ڇو تہ ان دور ۾ هر شخص پاڻ کي اهميت ڏيندو هو، سماج ۾ ننڍ وڏائيءَ جون خرابيون موجود هيون. زندگيءَ جون سڀ آسانيون اوچيءَ ذات وارن لاءِ مخصوص هيون. غريب عوام مسئلن جو شڪار هو.
خلجي دؤر حڪومت ۾ چشتيه سلسلي وارن سياسي ۽ سماجي اهميت حاصل ڪري ورتي. سلطان محمد تغلق پنھنجي وقت ۾ چشتيه سلسلي جي بزرگن کي قتل بہ ڪرايو. شيخ نظام الدين اولياء جو جاءِ نشين ۽ چشتيه سلسلي جو سربراھہ خواجہ نصيرالدين، محمود چراغ دهلويءَ بہ هن بادشاھہ جي عتاب هيٺ آيا.
جلد تغلق خاندان جو زوال آيو . ان کان پوءِ لوڌي خاندان جي حڪومت آئي. هن خاندان جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ ڀڳتي تحريڪ وارن تي ڏاڍا ظلم ڪيا. چشتيه سلسلي وارا ڀڳتي تحريڪ کان متاثر هئا، ان ڪري ئي چشتي سلسلي ۾ سماع ۽ موسيقيءَ کي اهميت حاصل آهي. لوڌي خاندان جي دؤر حڪومت ۾ ’رام ۽ رحيم‘ جي ايڪتا موجود هئي. اسلام جي عالمن کي اها ڳالھہ ڏُکي محسوس ٿي ۽ ان کي اسلام لاءِ خطرو سمجهيو. سڪندر لوڌيءَ اهڙن عالمن جي اثر ۾ اچي ڀڳتي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پيرسن ڀڳت ڪبير کي درٻار ۾ گهرائي بيعزت ڪيو ويو ۽ ٻئي ٻڍي ڀڳت کي موت جي سزا ڏني وئي، پر سختين جي باوجود ڀڳتي تحريڪ وڌندي رهي. چشتيه سلسلي وارن بہ هن تحريڪ وانگر اسلام جي ترقيءَ لاءِ موسيقي ۽ سماع کي خدا سان ميلاپ جو وسيلو بڻايو. ان کانسواءِ عملي طور اسلام جي ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. ان دور ۾ تصوف زندگيءَ کان فرار جو نالو نہ هو، پر هڪ اعليٰ اخلاقي، تهذيبي ۽ روحاني زندگيءَ جو سرچشمو هو. هندستان جي خانقاهن ۾ روحاني، اخلاقي ۽ تهذيبي اُڃ اُجهائڻ لاءِ صوفي دانشور گڏ ٿيندا هئا، جيڪي روحاني ارتقا لاءِ فڪر ۽ دانش جي اهميت تي زور ڏيندا هئا. چشتي خانقاهن ۾ عقلي ۽ فڪري موضوعن تي بحث ٿيندا هئا، هندستان ۾ صوفي خانقاهون وسيع تناظر ۾ موجود هيون ۽ تصوف جا معروف سلسلا علم ۽ دانش جي حوصلي افزائي ڪندا هئا. چشتيه سلسلي جا اڪابر هن معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا هئا. هن مڪتبه فڪر جي بزرگ نظام الدين اولياء جي خانقاھہ خاص طرح قابل ذڪر آهي. هي صوفي بزرگ علم ۽ حڪمت جو ڄاڻو هو. امير حسن سنجري ۽ امير خسرو جھڙا وڏا عالم هن جا پوئلڳ هئا. خواجہ نظام الدين ان وقت تائين ڪنهن کي بہ پنهنجو مريد نہ ڪندو هو، جيستائين اُهو ظاهري علم حاصل نہ ڪندو. ان ڪري چشتيه خانقاھہ ڀرسان هڪ عاليشان مدرسو قائم ڪيو ويو، جتي عقلي ۽ ذهني علم ڏنو ويندو هو. چشتيه سلسلي جو هڪ اهم بزرگ بختيار ڪاڪي بہ ظاهري علمن تي گهڻو زور ڏيندو هو. هو ظاهري علمن کان سواءِ معرفت جي علم حاصل ڪرڻ کان منع ڪندا هئا. علم، عمل، ذهن ۽ روح جي حوالي سان تصوف وارا، خاص ڪري چشتيه سلسلي وارا تخليقي عهد، فڪر و تھذيب جا سرچشما بنجي ويا هئا.
مغليه دور ۾ شھزادي جھان آرا بيگم (شاھجھان بادشاھہ جي ڌيءُ) وڏي علم واري هئي، کيس مـطالـعـي ۽ عـلـمـي بحث جو وڏو شوق هو. هوءَ


ميان مير جي سلسلي سان لاڳاپيل هئي. هن شهزاديءَ هندستان ۾ چشتيه سلسلي جي بزرگ خواجہ معين الدين چشتيءَ ۽ سندس ڪيترن خليفن بابت فارسي زبان ۾ ’مونس الارواح‘ عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو.
چشتيه سلسلي وارا علم ۽ ادب سان گڏ عوام جي خدمت کي اهم سمجهندا هئا. مظلومن جي مدد ۽ حاجتمندن کي ڪم ايندڙن کي رب جو دوست سمجهندا هئا. شيخ معين الدين چشتيءَ جو قول آهي تہ: ”جيڪڏهن ڪو عبادت ۽ وظيفن ۾ مشغول هجي ۽ اوچتو ڪو حاجت مند اچي وڃي تہ درويش کي عبادت ڇڏي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ وس آهر سندس مدد ڪرڻ کپي.“ جيڪا ڳالھہ هن حديث جي تعليمات مطابق آهي:
اَفۡضَلُ الۡاَ شۡغَال خِدۡمَةُ النَّا (افضل ۽ بھترين ڪم ماڻهن جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ آهي.)
اهڙيءَ ريت سڄي هندستان ۾ چشتي سلسلي وارن اسلام جي ترقيءَ لاءِ روحاني ۽ عملي طرح وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن مسلڪ وارن جا دروازا هندو ۽ مسلمانن، اميرن ۽ غريبن، سڀني لاءِ هميشہ کليل رهندا هئا ۽ اهي سڀ کان وڌيڪ عوام جي اصلاح ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏيندا هئا.
چشتي سلسلي جا بزرگ: هندستان ۾ چشتي سلسلي جي ڪجهہ اهم بزرگن جو احوال هن ريت آهي تہ:
هي سلسلو باقاعدي حضرت خواجہ معين الدين چشتيءَ کان شروع ٿيو. هن سلسلي سان لاڳاپيل بزرگ فريدالدين گنج شڪر، خواجہ نظام الدين اوليا، خواجہ سراج الدين، جنهن بنگال ۾ چشتيه سلسلو شروع ڪيو؛ شيخ علاؤالحق، حضرت نور قطب عالم، مولانا حسام الدين، جنهن ’رفيع العارفين‘ جي نالي سان ملفوظات جمع ڪئي ۽ 120 خليفا تيار ڪيا، جن بنگال، بهار، جونپور ۽ سڄي هندستان ۾ چشتيه خانقاهون قائم ڪيون.
حيدرآباد دکن ۾ حضرت خواجہ نظام الدين اوليا جي خليفي شيخ بھاءُ الدين غريب ’ديوگير‘ ۾ رهي، هن سلسلي لاءِ ڪم ڪيو، سندس خانقاھہ عام ۽ خاص سڀنيءَ لاءِ هئي ۽ هو خود مريدن جي اصلاح ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيندو هو. شيخ برهان الدين خليفي زين الدين جي ذريعي هندستان ۾ چشتيه سلسلي جي وڏي ترقي ٿي.
اُن زماني ۾ چشتيه سلسلي جو هڪ بزرگ حضرت سيد گيسو دراز دکن ويو ۽ اتان جي حاڪم سلطان فيروز شاھہ ۽ اتان جي عالمن سندس آجيان ڪئي. هن گلبرگ ۾ چشتيه سلسلي جي هڪ عظيم الشان خانقاھہ قائم ڪئي.
گجرات ۾ چشتيه سلسلي جو مرڪز خواجہ بختيار ڪاڪيءَ جي زماني ۾ قائم ٿيو. ان جي ٻن مريدن شيخ محمود ۽ شيخ حامدالدين هن سلسلي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. بعد ۾ حضرت خواجہ نظام الدين اوليا جي خليفن شيخ سيدحسين، شيخ حسام الدين ملتانيءَ ۽ شيخ بارڪ الله، چشتيه سلسلي جو فيض عام ڪيو. اهڙيءَ ريت هن علائقي ۾ علامہ ڪمال الدين، شيخ يعقوب، شيخ ڪبيرالدين ناگوريءَ هن سلسلي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. حضرت ڪمال الدين، حضرت چراغ دهلويءَ جو ڀاڻيجو هو. هن جي اولاد بہ چشتيه سلسلي جي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪئي. شيخ يعقوب شيخ زين الدين دولت آباديءَ جو خليفو هو. جنهن نهرو وال ۾ هي سلسلو جاري ڪيو. کيس حضرت شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي تصنيف ’فصوص الحڪم‘ تي وڏو عبور حاصل هو ۽ ان جو درس ڏيندو هو. سيد ڪبيرالدين ناگوري (وفات 855ھہ/ 1454ع) شيخ حميدالدين سواليءَ جو پوٽو هو. جنهن ناگور مان لڏي احمدآباد ۾ خانقاھہ قائم ڪئي ۽ هن سلسلي جي تعليم کي عام ۽ خاص تائين پھچايو. سيد ڪمال الدين قزويني، حضرت گيسو دراز سان واسطو رکندو هو. گجرات ۾ هن بزرگ کانسواءِ چشتيه سلسلي جي هڪ شاخ اهڙي بہ هئي، جنهن سنئون سڌو مشائخ چشت کان روحاني فيض حاصل ڪيو. اهو بزرگ شيخ محمد زاهد هو، جنهن جو نسب حضرت خواجہ مودود چشتيءَ سان ملي ٿو. خواجہ محمد زاهد وڏو عابد ۽ زاهد شخص هو. سندس خليفا شيخ رڪن الدين ۽ عزيز متوڪل مشھور ٿيا، جن هن علائقي ۾ چشتيه سلسلي جو فيض پھچايو.
سنڌ ۾ چشتي سلسلو: سنڌ ۾ قادري، سھروردي ۽ نقشبندي سلسلي جا بزرگ تمام گهڻا رهيا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ چشتي سلسلي جا بزرگ گهٽ ملن ٿا. البت سنڌ ۾ ٻاهران سير ۽ سفر لاءِ ڪجهہ چشتي بزرگ آيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ انهيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪندي لکيو آهي تہ: ”چشتي طريقي جي بزرگن سنڌ ۾ پنهنجا پير گهُمايا، پر سنڌ ۾ چشتي سلسلو رائج ٿي نہ سگهيو.“ ڊاڪٽر صاحب جي اها ڳالھہ پنھنجي جاءِ تي درست، پر اها حقيقت آهي تہ چشتي سلسلي جو سنڌ ۾ چڱو اثر رهيو آهي. خاص طرح هن سلسلي جو سماع وارو رواج سنڌ ۾ ڪافي رهيو آهي.
حضرت خواجہ سيف الدين چشتي اجميريءَ جي ملفوظات ’دليل العارفين‘ ۾ لکيو ويو آهي تہ: ”حضرت خواجہ عثمان هاروني، خواجہ معين الدين چشتيرح سان گڏ سيوهڻ جو سير ۽ سفر ڪيو هو ۽ شيخ صدرالدين سان ملاقات ڪئي هئي.“
ڇهين صديءَ جي آخر ۾ سيوهڻ پرڳڻي جي ڳوٺ لڪيءَ ۾ شاھہ صدرالدين رهندو هو، جنهن جي مزار اڄ بہ لڪي شاھہ صدر ۾ موجود آهي. مخدوم معين پنھنجي مريد بختيار ڪاڪيءَ سان گڏ سيوهڻ ۽ لڪيءَ آيو هو.
بابا فريدالدين شڪر گنج، حضرت قلندر لعل شھباز جو همعصر هو. هو پاڻ ۾ چار يار مشھور هئا؛ سيد عثمان قلندر لعل شهباز، غوث بھاءُ الدين زڪريا ملتاني، سيد جلال الدين سرخ بابا ۽ فريدالدين شڪر گنج. انهن چئني دوستن گڏجي توڙي ڌار ڌار سنڌ ۽ ملتان جو سير سفر ڪيو هو. شيخ فريدالدين شڪر گنج جي ملفوظات کي ’راحت القلوب‘ جي نالي سان خواجہ نظام الدين اوليا دهلويءَ، سن 655ھہ/ 1752ع ۾ مرتب ڪيو هو، جنهن ۾ فريد شڪر گنج جي زباني ڄاڻايل ويو آهي ته، ”هڪ ڀيري سيوهڻ طرف سفر ڪندي مون اتي جي بزرگن ولين سان ملاقات ڪئي. هڪ ڏينهن سيوهڻ جي صاحبِ ولايت بزرگ شيخ محمد سيوستانيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ ساڻس سلوڪ جي باري ۾ گفتگو ڪيم.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”شيخ محمد سيوستانيءَ مان مراد شاھہ صدرالدين لڪياري آهي، جنهن وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي. شاھہ صدرالدين ۽ ٻيا بزرگ سيوهڻ جي علائقي ۾ حضرت عثمان مرونديءَ جي آمد کان اڳ موجود هئا.“
اها بہ روايت آهي تہ حضرت عثمان مروندي سفر ڪندي جڏهن سيوهڻ کان گذريو تہ سندس ملاقات شاھہ صدرالدين لڪياريءَ سان ٿي هئي. اها ڳالھہ تصوف جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿي تہ قلندر شهباز، غوث بھاءُ الدين زڪريا ملتاني، سيد جلال سرخ بخاري ۽ بابا فريد شڪر گنج سان گڏ شاھہ صدر سان ملاقات ڪئي هئي. قلندر شھباز سھروردي بزرگ هو. پر چشتيه سلسلي کي بہ پسند ڪندو هو. ڇو تہ راڳ رنگ ۽ رقص چشتيه سلسلي ۾ رائج آهي ۽ سھروردي سلسلي ۾ گهٽ ٿيندو آهي.
شاھہ صدرالدين لڪياريءَ جو واسطو، چشتيه سلسلي سان چيو وڃي ٿو، ڇو تہ هر مهيني جي پهرئين جمعي تي سندس درگاھہ ۾ سماع جون محفلون ٿين ٿيون. سنڌ ۾ لڪياري سيد هن بزرگ جو اولاد آهن.
ان کان سواءِ مولانا ظھيرالدين بکري، جيڪو نحو، فقھ ۽ لغت جو عالم هو، سو سلطان غياث الدين بلبن جي درٻار سان لاڳاپيل هو. طريقت ۾ پهرين رڪن الدين ملتانيءَ جو ۽ پوءِ خواجہ نظام الدين اوليا جو مريد ٿيو.
سيوهڻ شريف جي هڪ بزرگ خواجہ احمد جو نالو تذڪرن ۾ بہ ملي ٿو، جيڪو پاڪ پتڻ وڃي شيخ فريد جو مريد ٿيو ۽ اُتي ئي رهي پيو. خواجہ نظام الدينرح جي خليفن ۽ مريدن ۾ سنڌ جا ٻہ اهم چشتي بزرگ مولانا ظھيرالدين بکري ۽ احمد بکري شامل هئا، جيڪي دهليءَ ۾ رهيا، اتي ئي درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. محمد تغلق جي ٺٽي تي حملي وقت شيخ نصير الدين محمد چراغ بہ هتي آيو هو، جنهن جو شيخ عيسيٰ بن يوسف ڪوريجو مريد ٿيو ۽ چشتي لقب اختيار ڪيائين.
سنڌ ۾ چشتيه سلسلي بہ ٻين سلسلن جھڙوڪ: قادري ۽ سهرورديءَ تي سماع جي صورت ۾ اثر وِڌو آهي. شيخ فريد شڪر گنج تہ سنڌيءَ ۾ بہ ڪجهہ شاعري ڪئي هئي:
فريدا، جي تون عقل لطيف، تہ خالي لک نہ ليک،
اپـڻـي گـريبـان ۾، ســر نــواءِ ڪـر ڏيـک.
---
اُٺ فريدا وضو ساج، صبح نماز گذار،
جو سر سائين نانوي، سو سر ڪٽ اتار.
حوالو: Dr. Ansar Zahid Khan, ‘History and Culture of Sindh’ (1980) p: 280 & 284)


لفظ چشتي سلسلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو