چشتي سلسلو: صوفي بزرگن جي تعليمات جو هڪ سلسلو ’چشتيه‘ سڏجي ٿو، جيڪو تصوف جي اهم سلسلن: سهرورديه، قادريه ۽ نقشبنديه سان گڏ هڪ اهم سلسلو سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ سلسلو خراسان جي شهر ’چشت‘ سان منسوب آهي، جتي ديني بزرگ روحاني اصلاح جي تربيت ڪندا هئا. هن سلسلي جو باني حضرت ابو اسحاق چشتيرح چيو وڃي ٿو، جيڪو حضرت خواجه ممشاد علي دينوريءَ جو خليفو هو، جنهن جي وفات 329هه/ 940ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ ٿي.
چشتيه سلسلي جو مکيه اڳواڻ خواجه معين الدين اجميري چشتي هو، جيڪو چشت جو رهاڪو هئڻ ڪري سندس صوفي سلسلو به چشتيه يا چشتي مشهور ٿيو. ڪتاب ’اولياء بهاولپور‘ جو مصنف مسعود حسن شهاب لکي ٿو ته: ”هن سلسلي جي اڳواڻ خواجه معين الدين چشتيءَ جي طريقت جو سلسلو ڇهن واسطن سان حضرت خواجه ابو اسحاق چشتيءَ سان وڃي ملي ٿو.“ اهڙيءَ طرح ٻين سلسلن وانگر هيءُ طريقو به حضرت علي عليه السلام سان هيٺينءَ ريت ملي ٿو:
خواجه ابو اسحاق شامي چشتي خليفو خواجه ممشاد علي دينوريءَ جو، جيڪو خواجه امين الدين ابو هيرة البصريءَ جو، جيڪو خليفو خواجه سيد بدرالدين حذيفه المرعشيءَ جو، جيڪو خليفو حضرت خواجه ابراهيم ادهم جو، جنهن فيض ورتو حضرت خواجه ابو علي ابوالفيض الفضيل بن عيارث (803ع) کان، جنهن فيض ورتو حضرت خواجه ابي الفضل عبدالواجد ابن زيد بصريءَ کان، جيڪو فيض يافته هو خواجه حسن بصريءَ جو ۽ جنهن فيض حاصل ڪيو حضرت علي عليھ السلام کان، جيڪو سمورن سلسلن جو سرواڻ آهي. حديث نبويءَ موجب علم جو شهر نبي پاڪ صلعم ۽ حضرت عليعه اُن جو دروازو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلو: خواجه معين الدين چشتيءَ کان اڳ به ڪجهه بزرگ هندستان ۾ آيا هئا. جهڙوڪ: خواجه ابو احمد بن ابي احمد، جيڪو سلطان غزنويءَ سان گڏ آيو هو، پر حقيقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلو جاري ڪرڻ جو شرف خواجه معين الدين چشتيرح کي ئي حاصل آهي. پاڻ پرٿوي راج (1192- 1149ع) جي دور ۾ هندستان ۾ آيو. اجمير کي مسڪن بڻائي، اتان تبليغ شروع ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ اجمير راجپوتن جو مضبوط مرڪز ۽ هندن جو مذهبي ڳڙهه هو، پري پري کان عقيدتمند رسمون ادا ڪرڻ لاءِ اتي ايندا هئا. شيخ عبدالحق محدث دهلويرح ’اخبار الاخيار‘ ۾ اجمير جي مذهبي اهميت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”هن (خواجه معين الدين) هڪ اهڙي زبردست سياسي مذهبي مرڪز ۾ رهڻ جو فيصلو نه فقط خواجه صاحب جي عزم جي ترجماني ڪري ٿو، پر ان غير معمولي خود اعتماديءَ جو آئينه دار پڻ آهي.“
خواجه معين الدين چشتيءَ هندستان ۾ وڏو روحاني ۽ سماجي انقلاب آندو، ڇو ته ان دور ۾ هر شخص پاڻ کي اهميت ڏيندو هو، سماج ۾ ننڍ وڏائيءَ جون خرابيون موجود هيون. زندگيءَ جون سڀ آسانيون اوچيءَ ذات وارن لاءِ مخصوص هيون. غريب عوام مسئلن جو شڪار هو.
خلجي دؤر حڪومت ۾ چشتيه سلسلي وارن سياسي ۽ سماجي اهميت حاصل ڪري ورتي. سلطان محمد تغلق پنهنجي وقت ۾ چشتيه سلسلي جي بزرگن کي قتل به ڪرايو. شيخ نظام الدين اولياء جو جاءِ نشين ۽ چشتيه سلسلي جو سربراهه خواجه نصيرالدين، محمود چراغ دهلويءَ به هن بادشاهه جي عتاب هيٺ آيا.
جلد تغلق خاندان جو زوال آيو . ان کان پوءِ لوڌي خاندان جي حڪومت آئي. هن خاندان جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ ڀڳتي تحريڪ وارن تي ڏاڍا ظلم ڪيا. چشتيه سلسلي وارا ڀڳتي تحريڪ کان متاثر هئا، ان ڪري ئي چشتي سلسلي ۾ سماع ۽ موسيقيءَ کي اهميت حاصل آهي. لوڌي خاندان جي دؤر حڪومت ۾ ’رام ۽ رحيم‘ جي ايڪتا موجود هئي. اسلام جي عالمن کي اها ڳالهه ڏُکي محسوس ٿي ۽ ان کي اسلام لاءِ خطرو سمجهيو. سڪندر لوڌيءَ اهڙن عالمن جي اثر ۾ اچي ڀڳتي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پيرسن ڀڳت ڪبير کي درٻار ۾ گهرائي بيعزت ڪيو ويو ۽ ٻئي ٻڍي ڀڳت کي موت جي سزا ڏني وئي، پر سختين جي باوجود ڀڳتي تحريڪ وڌندي رهي. چشتيه سلسلي وارن به هن تحريڪ وانگر اسلام جي ترقيءَ لاءِ موسيقي ۽ سماع کي خدا سان ميلاپ جو وسيلو بڻايو. ان کانسواءِ عملي طور اسلام جي ترقيءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. ان دور ۾ تصوف زندگيءَ کان فرار جو نالو نه هو، پر هڪ اعليٰ اخلاقي، تهذيبي ۽ روحاني زندگيءَ جو سرچشمو هو. هندستان جي خانقاهن ۾ روحاني، اخلاقي ۽ تهذيبي اُڃ اُجهائڻ لاءِ صوفي دانشور گڏ ٿيندا هئا، جيڪي روحاني ارتقا لاءِ فڪر ۽ دانش جي اهميت تي زور ڏيندا هئا. چشتي خانقاهن ۾ عقلي ۽ فڪري موضوعن تي بحث ٿيندا هئا، هندستان ۾ صوفي خانقاهون وسيع تناظر ۾ موجود هيون ۽ تصوف جا معروف سلسلا علم ۽ دانش جي حوصلي افزائي ڪندا هئا. چشتيه سلسلي جا اڪابر هن معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا هئا. هن مڪتبه فڪر جي بزرگ نظام الدين اولياء جي خانقاهه خاص طرح قابل ذڪر آهي. هي صوفي بزرگ علم ۽ حڪمت جو ڄاڻو هو. امير حسن سنجري ۽ امير خسرو جهڙا وڏا عالم هن جا پوئلڳ هئا. خواجه نظام الدين ان وقت تائين ڪنهن کي به پنهنجو مريد نه ڪندو هو، جيستائين اُهو ظاهري علم حاصل نه ڪندو. ان ڪري چشتيه خانقاهه ڀرسان هڪ عاليشان مدرسو قائم ڪيو ويو، جتي عقلي ۽ ذهني علم ڏنو ويندو هو. چشتيه سلسلي جو هڪ اهم بزرگ بختيار ڪاڪي به ظاهري علمن تي گهڻو زور ڏيندو هو. هو ظاهري علمن کان سواءِ معرفت جي علم حاصل ڪرڻ کان منع ڪندا هئا. علم، عمل، ذهن ۽ روح جي حوالي سان تصوف وارا، خاص ڪري چشتيه سلسلي وارا تخليقي عهد، فڪر و تهذيب جا سرچشما بنجي ويا هئا.
مغليه دور ۾ شهزادي جهان آرا بيگم (شاهجهان بادشاهه جي ڌيءُ) وڏي علم واري هئي، کيس مـطالـعـي ۽ عـلـمـي بحث جو وڏو شوق هو. هوءَ
ميان مير جي سلسلي سان لاڳاپيل هئي. هن شهزاديءَ هندستان ۾ چشتيه سلسلي جي بزرگ خواجه معين الدين چشتيءَ ۽ سندس ڪيترن خليفن بابت فارسي زبان ۾ ’مونس الارواح‘ عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو.
چشتيه سلسلي وارا علم ۽ ادب سان گڏ عوام جي خدمت کي اهم سمجهندا هئا. مظلومن جي مدد ۽ حاجتمندن کي ڪم ايندڙن کي رب جو دوست سمجهندا هئا. شيخ معين الدين چشتيءَ جو قول آهي ته: ”جيڪڏهن ڪو عبادت ۽ وظيفن ۾ مشغول هجي ۽ اوچتو ڪو حاجت مند اچي وڃي ته درويش کي عبادت ڇڏي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ وس آهر سندس مدد ڪرڻ کپي.“ جيڪا ڳالهه هن حديث جي تعليمات مطابق آهي:
اَفۡضَلُ الۡاَ شۡغَال خِدۡمَةُ النَّا (افضل ۽ بهترين ڪم ماڻهن جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ آهي.)
اهڙيءَ ريت سڄي هندستان ۾ چشتي سلسلي وارن اسلام جي ترقيءَ لاءِ روحاني ۽ عملي طرح وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن مسلڪ وارن جا دروازا هندو ۽ مسلمانن، اميرن ۽ غريبن، سڀني لاءِ هميشه کليل رهندا هئا ۽ اهي سڀ کان وڌيڪ عوام جي اصلاح ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏيندا هئا.
چشتي سلسلي جا بزرگ: هندستان ۾ چشتي سلسلي جي ڪجهه اهم بزرگن جو احوال هن ريت آهي ته:
هي سلسلو باقاعدي حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ کان شروع ٿيو. هن سلسلي سان لاڳاپيل بزرگ فريدالدين گنج شڪر، خواجه نظام الدين اوليا، خواجه سراج الدين، جنهن بنگال ۾ چشتيه سلسلو شروع ڪيو؛ شيخ علاؤالحق، حضرت نور قطب عالم، مولانا حسام الدين، جنهن ’رفيع العارفين‘ جي نالي سان ملفوظات جمع ڪئي ۽ 120 خليفا تيار ڪيا، جن بنگال، بهار، جونپور ۽ سڄي هندستان ۾ چشتيه خانقاهون قائم ڪيون.
حيدرآباد دکن ۾ حضرت خواجه نظام الدين اوليا جي خليفي شيخ بهاءُ الدين غريب ’ديوگير‘ ۾ رهي، هن سلسلي لاءِ ڪم ڪيو، سندس خانقاهه عام ۽ خاص سڀنيءَ لاءِ هئي ۽ هو خود مريدن جي اصلاح ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيندو هو. شيخ برهان الدين خليفي زين الدين جي ذريعي هندستان ۾ چشتيه سلسلي جي وڏي ترقي ٿي.
اُن زماني ۾ چشتيه سلسلي جو هڪ بزرگ حضرت سيد گيسو دراز دکن ويو ۽ اتان جي حاڪم سلطان فيروز شاهه ۽ اتان جي عالمن سندس آجيان ڪئي. هن گلبرگ ۾ چشتيه سلسلي جي هڪ عظيم الشان خانقاهه قائم ڪئي.
گجرات ۾ چشتيه سلسلي جو مرڪز خواجه بختيار ڪاڪيءَ جي زماني ۾ قائم ٿيو. ان جي ٻن مريدن شيخ محمود ۽ شيخ حامدالدين هن سلسلي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. بعد ۾ حضرت خواجه نظام الدين اوليا جي خليفن شيخ سيدحسين، شيخ حسام الدين ملتانيءَ ۽ شيخ بارڪ الله، چشتيه سلسلي جو فيض عام ڪيو. اهڙيءَ ريت هن علائقي ۾ علامه ڪمال الدين، شيخ يعقوب، شيخ ڪبيرالدين ناگوريءَ هن سلسلي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. حضرت ڪمال الدين، حضرت چراغ دهلويءَ جو ڀاڻيجو هو. هن جي اولاد به چشتيه سلسلي جي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪئي. شيخ يعقوب شيخ زين الدين دولت آباديءَ جو خليفو هو. جنهن نهرو وال ۾ هي سلسلو جاري ڪيو. کيس حضرت شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي تصنيف ’فصوص الحڪم‘ تي وڏو عبور حاصل هو ۽ ان جو درس ڏيندو هو. سيد ڪبيرالدين ناگوري (وفات 855هه/ 1454ع) شيخ حميدالدين سواليءَ جو پوٽو هو. جنهن ناگور مان لڏي احمدآباد ۾ خانقاهه قائم ڪئي ۽ هن سلسلي جي تعليم کي عام ۽ خاص تائين پهچايو. سيد ڪمال الدين قزويني، حضرت گيسو دراز سان واسطو رکندو هو. گجرات ۾ هن بزرگ کانسواءِ چشتيه سلسلي جي هڪ شاخ اهڙي به هئي، جنهن سنئون سڌو مشائخ چشت کان روحاني فيض حاصل ڪيو. اهو بزرگ شيخ محمد زاهد هو، جنهن جو نسب حضرت خواجه مودود چشتيءَ سان ملي ٿو. خواجه محمد زاهد وڏو عابد ۽ زاهد شخص هو. سندس خليفا شيخ رڪن الدين ۽ عزيز الله متوڪل مشهور ٿيا، جن هن علائقي ۾ چشتيه سلسلي جو فيض پهچايو.
سنڌ ۾ چشتي سلسلو: سنڌ ۾ قادري، سهروردي ۽ نقشبندي سلسلي جا بزرگ تمام گهڻا رهيا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ چشتي سلسلي جا بزرگ گهٽ ملن ٿا. البت سنڌ ۾ ٻاهران سير ۽ سفر لاءِ ڪجهه چشتي بزرگ آيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪندي لکيو آهي ته: ”چشتي طريقي جي بزرگن سنڌ ۾ پنهنجا پير گهُمايا، پر سنڌ ۾ چشتي سلسلو رائج ٿي نه سگهيو.“ ڊاڪٽر صاحب جي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست، پر اها حقيقت آهي ته چشتي سلسلي جو سنڌ ۾ چڱو اثر رهيو آهي. خاص طرح هن سلسلي جو سماع وارو رواج سنڌ ۾ ڪافي رهيو آهي.
حضرت خواجه سيف الدين چشتي اجميريءَ جي ملفوظات ’دليل العارفين‘ ۾ لکيو ويو آهي ته: ”حضرت خواجه عثمان هاروني، خواجه معين الدين چشتيرح سان گڏ سيوهڻ جو سير ۽ سفر ڪيو هو ۽ شيخ صدرالدين سان ملاقات ڪئي هئي.“
ڇهين صديءَ جي آخر ۾ سيوهڻ پرڳڻي جي ڳوٺ لڪيءَ ۾ شاهه صدرالدين رهندو هو، جنهن جي مزار اڄ به لڪي شاهه صدر ۾ موجود آهي. مخدوم معين پنهنجي مريد بختيار ڪاڪيءَ سان گڏ سيوهڻ ۽ لڪيءَ آيو هو.
بابا فريدالدين شڪر گنج، حضرت قلندر لعل شهباز جو همعصر هو. هو پاڻ ۾ چار يار مشهور هئا؛ سيد عثمان قلندر لعل شهباز، غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، سيد جلال الدين سرخ بابا ۽ فريدالدين شڪر گنج. انهن چئني دوستن گڏجي توڙي ڌار ڌار سنڌ ۽ ملتان جو سير سفر ڪيو هو. شيخ فريدالدين شڪر گنج جي ملفوظات کي ’راحت القلوب‘ جي نالي سان خواجه نظام الدين اوليا دهلويءَ، سن 655هه/ 1752ع ۾ مرتب ڪيو هو، جنهن ۾ فريد شڪر گنج جي زباني ڄاڻايل ويو آهي ته، ”هڪ ڀيري سيوهڻ طرف سفر ڪندي مون اتي جي بزرگن ولين سان ملاقات ڪئي. هڪ ڏينهن سيوهڻ جي صاحبِ ولايت بزرگ شيخ محمد سيوستانيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ ساڻس سلوڪ جي باري ۾ گفتگو ڪيم.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”شيخ محمد سيوستانيءَ مان مراد شاهه صدرالدين لڪياري آهي، جنهن وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي. شاهه صدرالدين ۽ ٻيا بزرگ سيوهڻ جي علائقي ۾ حضرت عثمان مرونديءَ جي آمد کان اڳ موجود هئا.“
اها به روايت آهي ته حضرت عثمان مروندي سفر ڪندي جڏهن سيوهڻ کان گذريو ته سندس ملاقات شاهه صدرالدين لڪياريءَ سان ٿي هئي. اها ڳالهه تصوف جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿي ته قلندر شهباز، غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، سيد جلال سرخ بخاري ۽ بابا فريد شڪر گنج سان گڏ شاهه صدر سان ملاقات ڪئي هئي. قلندر شهباز سهروردي بزرگ هو. پر چشتيه سلسلي کي به پسند ڪندو هو. ڇو ته راڳ رنگ ۽ رقص چشتيه سلسلي ۾ رائج آهي ۽ سهروردي سلسلي ۾ گهٽ ٿيندو آهي.
شاهه صدرالدين لڪياريءَ جو واسطو، چشتيه سلسلي سان چيو وڃي ٿو، ڇو ته هر مهيني جي پهرئين جمعي تي سندس درگاهه ۾ سماع جون محفلون ٿين ٿيون. سنڌ ۾ لڪياري سيد هن بزرگ جو اولاد آهن.
ان کان سواءِ مولانا ظهيرالدين بکري، جيڪو نحو، فقھ ۽ لغت جو عالم هو، سو سلطان غياث الدين بلبن جي درٻار سان لاڳاپيل هو. طريقت ۾ پهرين رڪن الدين ملتانيءَ جو ۽ پوءِ خواجه نظام الدين اوليا جو مريد ٿيو.
سيوهڻ شريف جي هڪ بزرگ خواجه احمد جو نالو تذڪرن ۾ به ملي ٿو، جيڪو پاڪ پتڻ وڃي شيخ فريد جو مريد ٿيو ۽ اُتي ئي رهي پيو. خواجه نظام الدينرح جي خليفن ۽ مريدن ۾ سنڌ جا ٻه اهم چشتي بزرگ مولانا ظهيرالدين بکري ۽ احمد بکري شامل هئا، جيڪي دهليءَ ۾ رهيا، اتي ئي درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. محمد تغلق جي ٺٽي تي حملي وقت شيخ نصير الدين محمد چراغ به هتي آيو هو، جنهن جو شيخ عيسيٰ بن يوسف ڪوريجو مريد ٿيو ۽ چشتي لقب اختيار ڪيائين.
سنڌ ۾ چشتيه سلسلي به ٻين سلسلن جهڙوڪ: قادري ۽ سهرورديءَ تي سماع جي صورت ۾ اثر وِڌو آهي. شيخ فريد شڪر گنج ته سنڌيءَ ۾ به ڪجهه شاعري ڪئي هئي:
فريدا، جي تون عقل لطيف، ته خالي لک نه ليک،
اپـڻـي گـريبـان ۾، ســر نــواءِ ڪـر ڏيـک.
---
اُٺ فريدا وضو ساج، صبح نماز گذار،
جو سر سائين نانوي، سو سر ڪٽ اتار.
حوالو: Dr. Ansar Zahid Khan, ‘History and Culture of Sindh’ (1980) p: 280 & 284)