چشما لعل شھباز جا

چـشما لعل شھباز جا: سيوهڻ شھر جي آسپاس چشما ملن ٿا، جن کـي ’لعل شھباز جا چشما‘ سڏيو ويندو آهي. سيوهڻ کان ٻہ ميل پري اڙل واھہ جي ڪپ تي هڪڙو ننڍو باغيچو آهي، جنهن کي لال باغ چون ٿا، اتان نڪرندڙ قدرتي چشمن کي ’لعل شھباز جا چشما‘ چيو ويندو آهي، جن جو پاڻي پوک لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. قلندر لعل شھباز جا مجاور ان پاڻيءَ تي پوک ڪن ٿا. چشمي مان باغ ۾ پاڻي پهچائيندڙ اَڏ کي بہ ’لال جي واهي‘ يا ’ننڍي واهي‘ سڏيندا آهن. ننڍين اڏن ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ کي ’ٽوڀو‘ چون ٿا، جن جو پاڻي ڪَر جهلي بيٺل هوندو آهي ۽ اهو چشمي وانگر وهندڙ نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو