چشمو

چشمو

چشمو

چشمو: اُها جاءِ جتان زمين يا جبل مان پاڻمرادو پاڻي نڪرندو رهي. سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۾ بي انداز چشما آهن. جن مان نڪري وهندڙ پاڻيءَ تي زمين بہ آباد ڪئي وڃي ٿي. خاص ڪري سنڌ اندر سيوهڻ ويجهو اهڙا بہ چشما آهن جن جو پاڻي خاص سطح تي هميشہ قائم رهي ٿو. انهن مان پاڻي ڪڍڻ باوجود پاڻيءَ جي سطح ساڳي رهي ٿي. اهڙن چشمن کي مقامي طور ٽوڀو يا ٽوڀا چيو وڃي ٿو.
ڪراچي ضلعي جي ديھہ کاري لڪيءَ ۾ منگهي پير جو چشمو، سيوهڻ تعلقي ۾ ڪائيءَ ويجهو چشما، لڪيءَ جي جبلن ۾ ’ڌارا تيرٿ‘ جي نالي سان مشھور چشما آهن.


لفظ چشموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو