چشموي بزرگ: خواجہ محمد عمر جان چشموي، نقشبندي سلسلي جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ 1288ھہ/ 1871ع ۾ چشمه ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگ خواجہ فيض الحق چشموي (1255-1318ھہ) بہ اهل علم بزرگ ٿي گذريو آهي. پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ خواجہ محمد عمر گادي نشين ٿيو. هيءُ بزرگ سياري جا 6 مهينا شڪارپور ۾ اچي قيام ڪندو هو ۽ ماڻهن کي ﷲ جي ذڪر جي تلقين ۽ دين جي تبليغ ڪندو هو. خواجہ محمد عمر جان چشمويءَ وٽان چاليهارو روحاني طالبن خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. 1360ھہ/ 1941ع ۾ وفات ڪيائين.
شڪارپور جا ڪيترا وڏا ماڻهو سندس عقيدتمند هئا، جن ۾ شھيد ﷲ بخش سومرو ۽ حاجي مولابخش سومرو شامل هئا. هن جو فرزند حضرت عبدالحئي جان چشموي (1901-1969ع) ۽ آغا عبدالله جان هدوي (1903-1979ع) بہ سندس خاص خليفا هئا، انهن بزرگن جون مزارون ڪوئيٽا پاور اسٽيشن روڊ ڀرسان چشمه ڳوٺ ۾ موجود آهن. شڪارپور ۾ خانچند آباد محلي ۾ هنن بزرگن جي قائم مسجد اڄ بہ موجود آهي. هن مسجد ۾ چشموي بزرگن جي خاندان مان ئي ڪو امامت جا فرض انجام ڏيندو آهي. هي مسجد ’چشمي واري بزرگ جي مسجد‘ جي نالي سان سڏجي ٿي