
عصمت چغتائي

عصمت چغتائي
چغتائي عصمت: اردو ٻوليءَ جي نامور افسانہ نگار، ڪهاڻيڪار خاتون عصمت چغتائي جو جنم 21 جولاءِ 1915ع تي ڀارت ۾ ٿيو. سندس والد افتخار امام مشھور شاعر هو. سندس اباڻو وطن ڀوپال هو، پر هن جا والدين لڏي اچي هندستان ۾ مقيم ٿيا. عصمت چغتائيءَ ابتدائي تعليم ۽ تربيت آگري مان ۽ ثانوي تعليم مسلم گرلز اسڪول عليڳڙھہ مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ بي. اي ۽ بي. ٽي جون ڊگريون لکنوءَ مان حاصل ڪيائين. هيءَ پهرين مسلمان عورت هئي، جنهن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي. ادب ۾ سندس رهنمائي پنھنجي ڀاءُ مرزا عظيم بيگ چغتائيءَ ڪئي، جيڪو بہ مشھور اديب ۽ مزاح نگار هو. عصمت پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات درس تدريس سان ڪئي. 1937ع ۾ اسلامي گرلز هاءِ اسڪول بريليءَ ۾ هيڊ مسٽريس مقرر ٿي. والد جي وفات کان ڪجهہ عرصو پوءِ هن محل درٻار هاءِ اسڪول جوڌپور ۾ نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ بمبئيءَ ۾ انسپيڪٽرس آف اسڪولس ٿي ۽ سپرنٽينڊنٽ اسڪولس جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. اوائل کان ئي کيس ادب سان گهرو لڳاءُ هو، جنهنڪري ادب جو وسيع مطالعو ڪيائين ۽ اديبن سان سندس ويجهڙائي رهي. ادبي مطالعي ذريعي غير ملڪي اديبن جھڙوڪ: دوستو وسڪي، چيخوف، سمرسيٽ ماهم ۽ برنارڊشا کان متاثر رهي. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ پهرين ڪهاڻي ’فسادي‘ لکيائين، جيڪا 1939ع ۾ مشھور رسالي ’شاقي‘ ۾ شايع ٿي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هو ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ مشھور ٿي وئي ۽ سندس ڪهاڻين سڄي هندستان ۾ وڏي مڃتا ماڻي. هن جون ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، خاڪا ۽ مضمون وڏي تعداد ۾ لکيا. سندس ڪهاڻين ۾: (1)’چوٽين‘، (2) ’ڪـلـيـار‘، (3) ’ايـڪ بـات‘، (4) ’ڇـوٽـي مــوٽـي دو هــاٿ‘، (5) ’دوزخ‘، (6) ’شيطان‘، (7) ’دهاني بانکين‘ ۽ (8) ’هم لوگ‘ وڏي شھرت ماڻي. هن جي ناولن ۾: (1) ’ٽيڙهي کير‘، (2) ’صدي‘، (3) ’معصومه‘، (4) ’سودائي‘، (5) ’جنگلي ڪبوتر‘، (6) ’تين ناولٽ‘، (7) ’دل ڪي دنيا‘، (8) ’عجيب آدمي‘ ۽ (9) ’باندي‘ شامل آهن. هن جي اٺن ڪهاڻين تي فلمون ٺهيون، جن مان ڪجهہ هن پاڻ ٺاهيون. سندس پهرين فلم ’ڇيڙ ڇاڙ‘ 1943ع ۾ رليز ٿي. 1946ع ۾ هن جي ناول تي ٻڌل فلم ’ضدي‘ ٺاهي وئي، ان کان پوءِ سندس ڪهاڻين تي ’دروازا‘، ’سوسائٽي‘ ۽ ’سوني ڪي چڙيا‘ فلمون ٺاهيون ويون. انهن سڀني فلمن جو هدايتڪار شاهد لطيف هو. هن ٻارن لاءِ ’جواب آئي گا‘‘ نالي فلم ٺاهي، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. ان کان سواءِ هن علي سردار جعفريءَ جي زندگيءَ تي هڪ ڪلاڪ جي دستاويزي فلم بہ ٺاهي، جنهن ۾ علي سردار جعفريءَ جا نظم پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ پنھنجي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل ’گرم هوا‘ فلم خود ٺاهيائين. سندس آخري فلم ’جنون‘ 1979 ع ۾ رليز ٿي. هن کي ادبي ۽ فلمي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي اوارڊ مـلـيـا، جـهـڙوڪ: (1) ’مـخـدوم اوارڊ‘، (2) ’سـاهـتـيـه اڪادمي اوارڊ‘، (3) ’اقبال سمان اوارڊ‘ ۽ (4) ’نهرو اوارڊ‘ وغيرہ. هن جي ڪهاڻي ’لحاف‘ ادبي دنيا ۾ ڏاڍي مشھور ٿي. سندس 1942ع ۾ مشھور افسانا نگار، مصنف ۽ هدايتڪار شاهد لطيف سان شادي ٿي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. عصمت چغتائيءَ پنھنجي آتم ڪٿا ’پيهن‘ عنوان سان لکي ڇپائي. هن نامور خاتون 24 آڪٽوبر 1991ع تي وفات ڪئي.
1915.07.21 عيسوي
اردو ٻوليءَ جي نامور افسانه نگار، ڪهاڻيڪار خاتون عصمت چغتائي جو جنم 21 جولاءِ 1915ع تي ڀارت ۾ ٿيو.
1991.10.24 عيسوي
عصمت چغتائي 24 آڪٽوبر 1991ع تي وفات ڪئي.