چقندر
چقندر: چقندر جو شمار ميوي توڙي ڀاڄي طور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اڪثر کاڌي سان گڏ سلاد طور استعمال ڪيو ويندو آهي. چقندر نسلي طور ’گوگڙو‘ جي جنس ۾ شمار ٿئي ٿو. چقندر ڦڪي يا گلابي رنگ سان ٿلهي کل جو ٿـيـندو آهي. چـقـنـدر جـو اصـل وطـن هـندسـتان، ٿائيليـنڊ، ملائيـشـيـا ۽ چـيـن آهي. جـتـان هـيءُ پــوريءَ دنـيـا ۾ ڦهليو ۽ هـاڻـي ويـسـٽ انـڊيــز، برازيل، ڏکــڻ آفـريـڪــا، آسـٽـريليا، نيـوزيـلينڊ، آمريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پـوکـيـو وڃـي ٿـو. هـن ۾ کنڊ، ڪئلشيم ۽ فاسفورس جو وڌيڪ مـقــدار هـونـدو آهــي. چقندر بک لڳائيندڙ ميوو آهي. بک لڳائڻ سان گڏ هي معدي جي قوت کي وڌائي ٿو ۽ هاضمي واري نظام کي پڻ قوت بخشي ٿو. چقندر قبض ختم ڪرڻ، آنڊي کي صحتمند رکڻ، پيچش، اسهال، آنڊن جي سوزش ۽ هاضمي واري نظام جي بيمارين ۾ علاج طور ڪتب آندو وڃي ٿو. حڪيمن موجب چقندر جي استعمال سان مٺن پيشابن جو مرض گهٽ ٿي سگهي ٿو. ماهرن شگر جي مريضن لاءِ چقندر کي سٺي غذا قرار ڏنو آهي. چقندر ۾ وٽامن سي ۽ پوٽاشيم وڌيڪ هوندو آهي. ان لاءِ هيءُ پيشاب جاري ڪندو آهي.