
چلاس
چلاس (Chilas): گلگت بلتستان جو هڪ اهم شهر، جيڪو سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. قديم دؤر ۾ وچ ايشيا مان جيڪي واپاري قافلا هندستان ايندا هئا، سي گلگت بلتستان کانپوءِ چلاس واري هنڌ ساهي پَٽيندا هئا. هتي انگريزن هوائي اڏو بہ قائم ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. چلاس مان هڪ روڊ شاهراھہ قراقرم سان ملي ٿو. هيءُ شھر خنجراب لڪ جي ذريعي چين جي مختلف شهرن سان بہ ڳنڍيل آهي. هتي ٻڌن ۽ هندن جا جبلن تي ٺهيل نقش اڃا تائين موجود آهن. چلاس کي گلگت جي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو مليل آهي. هتان جي موسم اونهاري ۾ خشڪ ۽ گرم رهي ٿي، جڏهن تہ سياري ۾ هتي گهڻي ٿڌ پوي ٿي.
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هتي ڪو بہ رستو نہ هو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هڪ سنهو رستو ٺهيو، جنهن تي صرف جيپ هلي سگهندي هئي، پوءِ شاهراھہ قراقرم ٺھڻ سان هتي ترقي ٿيڻ شروع ٿي. هن وقت هيءُ شھر روڊن ذريعي پوري ملڪ سان ڳنڍيل آهي.