چماري (Chamari: ٻولي): هن ٻوليءَ کي چمر، چئمڀر ۽ چمپاري بہ چيو وڃي ٿو. هيءُ ٻولي هند يورپي، هند ايراني، هند آريائي ۽ وچين علائقي جي اولھہ وارين هندي ٻولين جي خاندان مان آهي. جيتوڻيڪ هن ٻوليءَ جي لکت نہ ٿي ملي، پر هندستان جي مکيہ علائقن مڌير پرديش، اتر پرديش، لکنو ۽ مهاراشٽر جي علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻولي ڳالهائيندڙن بابت رچرڊ برنسٽن پنھنجي تذڪري ۾ لکيو آهي تہ ”هي نہ مسلمان آهن ۽ نہ هندو، هو وڏي منهن وارو ڇھہ ست فٽو ڊگهو ڏڦو يا ڀالو کڻندا آهن.“ هندستان جي گهڻن علائقن ۾ هڏن ميڙڻ ۽ مردار جانورن جون کلون لاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. پاڪستان توڙي بنگلاديش ۾ هنن جو خاصو تعداد رهائش پذير آهي، جتي هن ٻولي وارا اتان جون مقامي ٻوليون پڻ ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا. سڪندراعظم جي جاگرافيدان ڪلاڻو ڊيٽس پٿيميئس بہ هن ٻولي ڳالهائڻ وارن کي Phylitas سڏيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڀيل. ڀيل اصل ۾ بيلار مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تير هلائيندڙ يا شڪاري. هنن ۾ تعليم جي شرح هڪ سيڪڙو کان بہ گهٽ آهي. (وڌيڪ ڏسو: چمار).