چمني2
چمني 2: پتري لوھہ مان ٺهيل هڪ خاص قسم جي بتي آهي، جنهن ۾ گاسليٽ وجهي، تيلي ڏئي گهر ۾ روشني ڪبي آهي. چمنيءَ جو گول ڍڍر ٻہ اڍائي انچ ويڪرو ٿيندو آهي. هن ۾ سٽ جي گول وٽ وڌي ويندي آهي. چمنيءَ ۾ پاسي کان جهلڻ لاءِ هڪ ڪنڊو ٺاهيو ويندو آهي. چمنيءَ کي بنا شيشي جي ننڍڙي وٽ واري بتي بہ چيو وڃي ٿو.