
چمن
چمن2 (شھر): چمن شھر بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله جو هيڊڪوارٽر آهي، جيڪو افغان بارڊر وٽ ڏکڻ ۾ واقع آهي ۽ بارڊر جي هن پار بولدڪ شھر لڳو لڳ اٿس، جيڪو قنڌار صوبي جو ننڍڙو شھر آهي. چمن شھر جي آبادي هڪ لک کان وڌيڪ ٿيندي، هتي هندو بہ وڏي انگ ۾ آباد آهن. چمن ۾ ريلوي اسٽيشن بہ آهي، جتي ڪوئيٽا کان ايندڙ مسافر اچن وڃن ٿا. 2008ع ۾ هن ريلوي ٽريڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، هيءُ شھر افغانستان کان ڪراچيءَ تائين واپار جي مَد ۾ دروازي جي حيثيت رکي ٿو. اڄڪلھہ هيءُ شھر اتحادي فوجن (NATO) جي سامان جي رسد جو ذريمو بہ آهي. ڪوئيٽا کان 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هي شھر باغن جي حوالي سان بہ مشھور آهي. خاص ڪري هتان جا انگور، ڪشمش، بادام، انجير ۽ صوف سڄي پاڪستان جي شهرن ۾ موڪليا ويندا آهن، چمن انگورن جو شھر بہ سڏيو وڃي ٿو. اهي انگور ريلن ۽ ويگنن ذريعي برف ۾ ڍڪي ممبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي بہ اماڻيا ويندا هئا. اهي چمن جا ’موتيا‘ سڏبا هئا. چمن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ الڳ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج قائم آهي. هي شھر افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان تجارت جو ذريعو آهي.