چمڙو2

چمڙو2

چمڙو2

چمڙو2

چمڙو2

چمڙو2: جانورن جي کلن کي چُن وغيره هڻي صاف ڪري چمڙو ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي ’ماٽو ڪرڻ‘ چوندا آهن. ڪنهن به جانور کي ذبح ڪرڻ کان پوءِ سندس لاٿل ۽ سُڪل کل کي مصالحا ۽ پاڻي وجهي (ماٽو ڪري)، ڪجهه ڏينهن تائين ڇڏبو آهي ته چمڙو پچي ويندو آهي. ماٽي ڪرڻ جو اصل مقصد چمڙي مان وارن کي جدا ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن ان کي رڱي سگهجي. ماٽو تمام بدبودار ٿيندو آهي. هن ڪِرت سان واڳيل ماڻهو هڪ وڏي مٽ يا ماٽي کي زمين ۾ پورڻ کان اڳ اُن ۾ گهربل شيون وجهندا آهن. مينهن يا ڍڳي جي سڱ ۾ اڪ جو کير نچوئي، ماٽي ۾ وجهي ۽ مناسب مقدار ۾ لوڻ گڏيندا آهن، پوءِ انهيءَ ڳار ۾ جانور جو لٿل ڇوڙو (کل) وجهي ماٽو بند ڪندا آهن. تقريباً ماٽو ڏهن ڏينهن تائين زمين ۾ پوريل هوندو آهي. مقرر وقت کان پوءِ ماٽي مان ڇوڙي کي ڪڍي وهندڙ واهه يا شاخ تي کڻي وڃي ڌوئيندا آهن ۽ ڪاٺ جي رنبن سان وار لاهي پوءِ سُڪائيندا آهن. اهڙي ماٽي ڪيل ڇوڙي کي اڌوڙ چوندا آهن. ان کان پوءِ رنگ ڏبو آهي. رڱڻ لاءِ سُڪل اڌوڙ کي کجيءَ جي پنن سان سبي، ڇوڙي کي ڳوٿريءَ وانگر ڪندا آهن. زمين تي هڪ پَڪو حوض ٺاهيندا آهن. حوض جي ٻن پاسن تي ٻه ڪاٺيون کوڙي ۽ ٽين ڪاٺي مٿان ائين رکندا آهن، جيئن لانڍيءَ جي ٿوڻين تي ورو رکبو آهي. ٻٻر جي ڇوڏن سان اڌوڙ کي ڀري، ڳوٿريءَ کي ڪاٺيءَ سان ابتو ٻَڌندا آهن. پوءِ آهستي آهستي حوضن ۾ ڇوڙي مٿان پاڻي هارڻ شروع ڪندا آهن، ايستائين جو سڄو ڇوڙو پاڻيءَ ۾ ٻُڏي وڃي. ٻيءَ حالت ۾ اڻ ٻُڏل حصو دڙڳ ڪري بيهندو. رنگ جي حوض ۾ اڌوڙ کي پنجن کان پندرهن ڏينهن تائين رکبو آهي، جنهن بعد اهو اڌوڙ رڱجي ويندو آهي ۽ انهيءَ رڱيل اڌوڙ کي ’چمڙو‘ چئبو آهي.
چمڙي کي ٻين نمونن سان به رڱبو آهي. مثال طور: اوئيءَ جي کل رڱڻ لاءِ گهڻو ڪري ٻٻر جو ڇوڏو وجهبو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪانهيري جو ڇوڏو به ڪم آڻيندا آهن. جيڪڏهن اوئيءَ ۾ کير وجهڻو هوندو آهي ته ساڳيءَ کل ۾ بيرولي ۽ ڏاڙهونءَ جي کل وجهندا آهن ته رجي نرم ٿيو پوي ۽ ان جو رنگ به هيڊو ٿيو پوي. جيڪڏهن انهيءَ ساڳيءَ کل ۾ گيهه وجهڻو هوندو آهي ته منجهس مينديءَ جا پن ۽ کٿور وڻ جو ڇوڏو وجهندا آهن. وڌيڪ خوشبودار اوئي بنائڻ لاءِ کجور ڪاڙهي، انهيءَ جو رس وجهي، ڳچ ڏينهن رکي ڇڏيندا آهن.
چمڙو آڳاٽي دؤر ۾ پوشاڪ طور به استعمال ٿيندو هو. چمڙي جا ڪمربند هن دور ۾ به استعمال ٿيندا آهن. خاص ڪري پتلون، پينٽ جا پٽا، کيسي وارا ٻَٽون ۽ جوتا وغيره چمڙي مان ٺاهيا ويندا آهن.
بائبل ۾ لکيل آهي ته حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا کي الله تعاليٰ، چمڙي جا پهراڻ ڍڪايا هئا. چمڙو جنگ جي سامان ۾ ڍال ۽ تلوار جي مياڻن ٺاهڻ ۾ به ڪم ايندو هو. چمڙي جون ٺهيل پخالون عام استعمال ۾ اينديون هيون. موچي ۽ ميگھواڙ مينهن جو چمڙو جتين جي تر ۾ ڪم آڻيندا آهن. ڳائي مال جي چمڙي مان بوٽن ۽ سليپرن جا مٿيان حصا، ٻڪريءَ جي چمڙي مان نازڪ سامان، عورتن جا پرس، بئگون ۽ ڪتابن جا جلد ۽ ٿيلها وغيره ٺهندا آهن. ڳائي مال جي چمڙي مان جئڪيٽون ۽ پخالون ٺاهيندا آهن. اٺن جو چمڙو خاص دٻين ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. ٻهراڙيءَ جا موچي چمڙو عمدي طريقي سان تيار ڪندا آهن ۽ ان تي ريشم جي ڀرت سان گلڪاريءَ جو ڪم نهايت نفاست سان ڪندا آهن. چمڙي مان گھوڙن جون زينون، هنا ۽ اٺن جا پاکڙا ۽ دستانا به ٺهندا آهن. ڪوهستان ۾ چمڙي مان تمام گھڻيون شيون ٺاهيون وينديون آهن، جهڙوڪ: پاڻي وجھڻ لاءِ ’اوئي‘، گيهه وجھڻ لاءِ ’نِڪ‘، کير ولوڙڻ ۽ ڏڌ رکڻ لاءِ ’ايزڪ‘، کير ۽ پاڻيءَ جي ’کلي‘، سنهي سامان رکڻ ۽ اٽي لاءِ ’بَڊي‘، پئسن رکڻ لاءِ ’واسائي‘ ۽ پيرن ۾ پائڻ لاءِ ’پيرڻ‘ وغيره. اهي سڀ شيون ٻڪر جي کل مان ٺاهيندا آهن، پر ان کي رڱڻ جو طريقو اتي مختلف آهي.
سنڌ ۾ چمڙي رڱڻ جو ڪم گهڻو ڪري مينگهواڙ ۽ ڪولهي ڪندا آهن، پر چمڙي جو استعمال موچي ڪندا آهن. مينگهواڙ ۽ چمار هن ڪِرت واريون ذاتيون آهن، جن جو ڪم چمڙي کي مختلف نمونن سان استعمال ڪرڻ آهي. اڄڪلهه چمڙي جي صنعت وڏي ترقي ڪئي آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ چمڙي جا ڪيترا ڪارخانا قائم آهن، جن ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي چمڙي جو سامان تيار ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو