چمڙي
چمڙي (Skin): چمڙي انسان جي جسم جو وڏي ۾ وڏو عضوو آهي. چمڙي لچڪيدار ڌاڳن (Fibro Elastic) جي هڪ وڏي مضبوط ڇِهه (Membrane) جي ٺهيل آهي. چمڙي انسان جي جسم کي پيرن جي ننهن کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ويڙهي به ٿي ۽ اندرين ٻاهرن عضون جي حفاظت جو ذريعو به آهي. چمڙي انسان جي سونهن سوڀيا جو ڏيک به ڏئي ٿي ۽ ڪيترين بيمارين جي سڃاڻپ جي علامت به بڻجي ٿي.
(الف) چمڙيءَ جي بناوت (Structure of Skin): چمڙيءَ جي بناوت ڪيترن ننڍن ۽ وڏن عضون تي ٻڌل آهي؛ جن ۾ چمڙيءَ جو مٿيون تهه (Epidermis)، هـيٺيـون تـهه (Dermis)، اُڀـار نـمـا نـنـڍڙيــون ڳــوڙهيـون (Papillae)، چرٻي (Subcutaneous)، رت جون ناڙيون (Blood Vessels)، مختلف قسمن جا غدود (Glands)، وار (Hairs) ۽ ننهن (Nails) اچي وڃن ٿا. هيٺ انهن تي پيرائتي روشني وجهجي ٿي:
1. چمڙيءَ جو مٿيون تهه Epidermis (Cuticle, Cuticula): هي چمڙيءَ جي مٿاڇري وارو ٻاهريون تهه (Epithelial Layer) آهي، جيڪو هڪ ٻئي مٿان ڪيترن سٿيل تهن (پردن:(Stratified Epithelium تي ٻڌل آهي، جيڪي تهه پنهنجي ٿولهه جي حساب سان جسم جي مختلف حصن ۾ ڪٿي سنها ته ڪٿي وڌيڪ ٿلها ٿين ٿا، جيئن هٿن جي ترين جي مٿاڇري ۽ پيرن جي ترين وارو تهه (کل) جسم جي ٻين عضون جي مٿئين تهه کان وڌيڪ ٿلهو ۽ ڪجهه سخت ٿئي ٿو، جو هي مٿيون تهه ڪيترن جيو گھرڙن (Cells) تي ٻڌل آهي. هيءُ وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ مٿي اڀرندڙ تهه جنهن کي (Germinative) چئبو آهي، ٻيو سڱن جهڙو اڀريل ٿلهو تهه، جنهن کي(Thick Horny Layer) چئبو آهي.
2. چمڙيءَ جو هيٺيون تهه (Dermis Corium, Cutis Vera): چمڙيءَ جو هي (هيٺيون) تهه وڏي اهميت ۽ خاصيت وارو آهي. هن تهه جي ٿولهه 1.69 کان 2.27 ملي ميٽر هوندي آهي. هي تهه سخت پر لچڪيدار آهي ۽ اڇي رنگ جي ڌاڳن واري (White Fibrous) ڳنڍيندڙ اوڄن (Conncective Tissues) جو ٺهيل آهي. چمڙيءَ جي هن تهه مان چمڙيءَ جا ٻيا ڪيترا حصا (عضوا) اڀرن ٿا، جيئن اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون، رت جون ٻنهي قسمن جون ناڙيون (نسون ۽ رڳون)، پگھر جا غدود ۽ انهن جون ناڙيون ۽ وارن جون پاڙون وغيره اچي وڃن ٿا.
چمڙيءَ جو هي هيٺيون تهه لچڪيدار هئڻ جي باوجود هن تهه کي وڌيڪ ڇڪ آئي ته ڇُڙڪي پوندو آهي ۽ ٻيهر واپس مِڙي پنهنجي اصلي صورت ۾ نه بيهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ويم دوران جڏهن پيٽ جي چمڙيءَ جي هن تهه کي حد کان وڌيڪ ڇڪ ايندي آهي ته هن تهه جي لچڪ ختم ٿي ويندي آهي، ان ڪري ٻار جي ڄڻڻ کان پوءِ پيٽ جي کل هر ڀيري وڌيڪ ڇڙڪي پوندي آهي ۽ پيٽ هر ڀيري اڳ کان وڌيڪ لڙڪي ٻاهر نڪري ايندو آهي.
3. اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون (Papillae): هي چمڙيءَ جون اڀارنما ڳوڙهيون چمڙيءَ جي هيٺين تهه مان اڀري چمڙيءَ جي مٿين تهه ڏي اينديون آهن. هڪ نوجوان جسم ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ڳوڙهيون ٿين ٿيون. هي ڳوڙهيون ٻنهي قسمن جي رت جي ناڙين (نسن ۽ رڳن) سان جڙيل آهن. جڏهن هي اڀارنما ڳوڙهيون چمڙيءَ ڏانهن مٿي اچن ٿيون ته مٿئين تهه جي هيٺان مٿان پـکـڙجـي وڃـن ٿيـون. ڪـٿي هـي ڳـوڙهـيون نـرم، ڪـٿـي سـخـت ته وري ڪٿي سخت لڪيرن جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿيون؛ جيئن هٿن جي آڱرين ۽ آڱوٺن جي چوٽيءَ تي سخت لڪيرن جي شڪل وٺي بيهنديون آهن. هي لـڪـيـرون هـر هـڪ انـسـان جـي آڱـوٺن ۾ مـختـلـف شـڪـل جـون هونديون آهـن. انـهـن لڪـيـرن جـي نشـان جـي آڌار تي پوليس يا جـرميـات شعبي (Crimnology Department) جا ماهر يا جاچ ڪندڙ عملو ڏوهي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ڪندو آهي.
4. چرٻي ٺاهيندڙ غدود (Sebaceous Gland): چرٻي ٺاهيندڙ غدود گھُگھِيءَ جي شڪل (Flask Shape) جا ٿيندا آهن. هي غدود پنهنجي خاص قسم جي چرٻي (sebum) جي پاڙن وارين ٿيلهين (Hair Follicles) ۾ خارج ڪندا آهن. هونئن ته هي غدود ماڻهوءَ جي جسم جي سڄي چمڙيءَ ۾ پکڙيل هوندا آهن.
سواءِ هٿن پيرن جي ترين جي، جتي هي غدود نه ٿيندا آهن، پر سڄي جسم کل ۾ هي غدود ڪيپراٽيءَ جي کل، منهن، نڪ، وات ۽ ڪنن جي ٻاهران چوڌاري، بغل ۽ نريءَ ۾ وڌ ۾ وڌ گھڻي تعداد ۾ ٿيندا آهن. هن سڻڀ جي ڪري خاص طور مٿي جا وار نرم، سهڻا، گھاٽا ۽ چلڪندڙ ٿيندا آهن. ان کان سواءِ هن سڻڀ جي خارج ٿيڻ سان هڪ طرف چمڙي جيتن ۽ جيوڙن جي زهريلي اثر ۽ پڪريز کان بچي ويندي آهي ته ٻئي طرف خشڪ ٿي بچي ويندي آهي.
جوانيءَ ۾ هي سڻڀ پنهنجو فعل وڌائي ڇڏيندو آهي، ٻاروتڻ ۾ هن جو فعل جوانيءَ کان گھڻو گھٽ هوندو آهي، پر جڏهن پيري ايندي آهي، ته عمر جي حساب سان پنهنجو ڪم گھٽائيندو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جوانيءَ ۾ جڏهن هن سڻڀ جو فعل عروج تي هوندو آهي ته ماڻهو جي مٿي جا وار ته گھاٽا، سهڻا ۽ چلڪندڙ ٿيندا آهن، پر ماڻهوءَ جو چهرو به چمڪدار، سهڻو، سوڀيا ۽ ڪشش وارو ٿيندو آهي. پيريءَ ۾ سڻڀ پنهنجو فعل گھٽ يا بند ڪري ڇڏيندو آهي ته نتيجي طور ماڻهوءَ جا وار ڇڻي ويندا آهن ۽ انهن مان چمڪ گھٽ ٿي ويندي آهي.
1. رت جون ناڙيون (Blood Vessels): رت جي ناڙين جو چمڙيءَ جي مٿين تهه جي هيٺان وارن نلين (Capillaries) جو هڪ وڏو ڄار (Papillaes)، پگھر جي غدودن، چرٻيءَ وارن غدودن، وارن جي پاڙن ۾ موجود ٿيلهين Follicles ۽ چمڙي جي هيٺين تهه کي رت پهچائي ٿو. ٻار اڃا پنجن مهينن جو ڳڀ Embryo هوندو آهي ته رت جون ناڙيون ٺهڻ شروع ٿينديون آهن، جيڪي هڪ اندازي مطابق ٻار جي جوانيءَ تائين وڌي هڪ چورس انچ ۾ لڳ ڀڳ 2685 ٿين ٿيون. هڪ ناڙيءَ جي ڊيگھه هڪ انچ جي چوٿين حصي جيتري ٿئي ٿي. انهن سڀني ناڙين جي ڊيگهه هڪ بالغ ماڻهو ۾ 12 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ٿئي ٿي. رت جون ناڙيون چمڙيءَ جي مٿين تهه (Epidermis) ۾ نه ٿينديون آهن.
2. حِس دار خابرو تنتن جون پڇڙيون (Sensory Nerve Endings): دماغ کان نڪرندڙ خابرون تنتن جون پڇڙيون (Endings) چمڙيءَ جي هيٺين تهه (Dermis) ۾ گھڻي مقدار ۾ پکڙيل آهن. انهن خابرو تنتن ذريعي دماغ ڏانهن ڇُهاءُ، دٻاءَ، سور، سردي ۽ گرميءَ جو احساس پهچندو آهي.
3. پگھر جا غدود (Sweat Glands): پگھر جا غدود سڄي چمڙيءَ ۾ پکڙيل آهن، پر انهن جي گھڻائي هٿن ۽ پيرن جي ترين جي چمڙيءَ ۽ ڪڇ جي چمڙيءَ ۾ گهڻي ٿيندي آهي. پگھر جا غدود چرٻيءَ وارن تهن (پردن) مان ٺهيل آهن، جيڪي چرٻيءَ جي اوڄن (Sebaceous Tissues) سان جڙيل هوندا آهن. هنن مان ڪجهه غدودن جون پڇڙيون چمڙيءَ جي مٿين تهه جي سوراخن (Pores) تائين اينديون آهن ۽ ڪجهه غدودن جون پڇڙيون وارن جي ٿيلهين جي پاڙ تائين اينديون آهن. هنن غدودن مان جيڪي بغل ۾ ٿين ٿا، انهن مان هڪ خاص قسم جي پاڻيٺ ڳڙندي آهي، جنهنڪري ماڻهوءَ جي بغلن ۾ بدبوءِ گھٽ ٿيندي آهي، پر اهي بغل وارا غدود درست ڪم نه ڪن ۽ انهن ۾ ڪنهن خاص قسم جي ابتري پيدا ٿئي ته بغل جي پگھر مان ڪني ڇٽ ايندي آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ بغل جو نزلو چيو ويندو آهي.
پگھر جي غدودن جي فعل سان ئي جسم جي اندر جي واڌو گرمي ۽ جسم جي مختلف تهن مان جسم جو گندو پاڻي چمڙيءَ کان ٻاهر نڪرندو آهي. هنن غدودن جي ڪري ماڻهوءَ جي جسم جي گرميءَ جو پد برقرار رهندو آهي.
4. وار (Hairs): چرٻيءَ وارن اوڄن/ وارن جي ٿيلهين (Hair Follicles) جي هيٺان گھڻي مقدار ۾ خاص قسم جا جيو گھرڙا (Cells) ٿين ٿا، جن کي Bulb چئبو آهي ۽ اهي جيوگھرڙا وار ٺاهيندا آهن ۽ جيئن جيئن هي جيوگهرڙا وار ٺاهيندا آهن ته اهي وار پنهنجي خوراڪ جي نتيجي ۾ اوسر (واڌ ويجهه) ڪري مٿي چمڙيءَ تي اڀري ايندا آهن. ياد رهي ته وارن جو رنگ هڪ خاص مادي Melanin مان جڙندو آهي؛ جنهن جو گھڻو واسطو رنگ ۽ نسل سان Genetically هوندو آهي.
5. ننهن (Nails): انسان جي نَنهن جانورن جي کُر ۽ پکين جي چنبن جي ننهن جو ڪارج هڪ ئي آهي. ننهن هٿن پيرن جي آڱرين جي چوٽين کي مضبوط بڻائين ٿا. پکين ۾ ننهن ته خوراڪ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. ماڻهوءَ ۾ ننهن جي پاڙ چمڙيءَ ۾ کتل ۽ چمڙيءَ جي مٿين تهه (Cuticle) سان ڍڪيل هوندي آهي. ننهن چمڙيءَ جي مٿين تهه (Epidermis) جي ڦٽندڙ حصي (Germinative Zone) مان ٺهي ٻاهر نڪرندا آهن. پيرن جي ننهن جي مقابلي ۾ هٿن جا ننهن تمام تڪڙا وڌندا آهن ۽ سرديءَ جي موسم جي مقابلي ۾ گرميءَ جي موسم ۾ وڌيڪ هوندا آهن.
چمڙيءَ جو فعل (Function of Skin): انساني جسم ۾ چمڙيءَ جا هڪ ئي وقت ڪيترا ڪم آهن. چمڙي جسم جي اندرين ۽ ٻاهرين گرمي پد تي ضابطو آڻي ٿي، سردي ۽ گرميءَ کي انساني جسم لاءِ گھربل مقدار ۾ هڪ ڪرو ڪري ٿي، جسم جي اندرين توڻي ٻاهرين عضون جي حفاظت ڪري ٿي، جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ نه ڏيندي آهي. جسم ۾ اندر ڪيترن زهريلن ۽ فضول مادن کي يا ته چُهي (Absorb/ Phygocyte) وڃي ٿي يا کين پگھر جي ذريعي جسم کان ٻاهر ڪڍي ٿي، تنهن کان سواءِ جسم جو حسي (حرڪي) نظام برقرار رکي ٿي ۽ جسم اندر وٽامن ڊي ٺاهڻ جو به ذريعو آهي.
جسم ۾ گرميءَ جو پد برقرار رکڻ (Regulation of body Temprature): چمڙي انسان جي جسم جي گرميءَ جي قدرتي پد (36.8) کي برقرار رکي ٿي. چمڙي پنهنجي ٻٽي عمل هيٺ هڪ Vasodilation ۽ ٻيو Vaso Constriction ذريعي گرميءَ جي پد کي جسم ۾ برقرار رکڻ جو عمل ڪري ٿي، جيڪو فعل چمڙيءَ جي مٿين تهه (Epidermis) ۾ ٿئي ٿو. چمڙي پنهنجي هن فعل ذريعي هيٺين طريقن سان گرميءَ جي پد کي جسم ۾ هڪ ڪرو (36.8) ڪري برقرار رکي ٿي:
1. پگھر (Sweat): پگھر جسم مان واڌو گرميءَ کي خارج ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي. هڪ اندازي مطابق پگھر وارا غدود روزانو لڳ ڀڳ جسم مان 2000 ملي ليٽر تائين پگھر خارج ڪن ٿا.
2. تحليل ٿيڻ (Evaporation): گھڻي مقدار ۾ جسم جي واڌو گرمي جسم مان اندران آلاڻ/ نمي (Moisture) بڻجي جسم جي مٿاڇري تي اچي خارج ٿيندي آهي.
3. گرميءَ جو پسرڻ (پکڙجڻ) (Conduction): ڪيترن ڪپڙن پائڻ سان جسم جي واڌو گرمي انهن ۾ جذب ٿي ويندي آهي. جهڙوڪ: اڇي ۽ سائي رنگ جا ڪپڙا، ململ يا کادِي وغيره جا ڪپڙا.
(ب) Vaso Constriction: چمڙي هن فعل هيٺ ٻٽو ڪم ڪندي آهي. هڪ ته جسم جي اندر عضون جي ڪم ڪرڻ، چرپر ۽ رت جي دوري دوران، يا بيماريءَ جي نتيجي ۾ جيڪا اضافي گرمي پيدا ٿيندي آهي ته ان کي ڦڦڙن ذريعي، ڪاڪوس ۽ پيشاب جي ذريعي خارج ڪندي آهي. ان جو ٻيو فعل هي آهي ته وقت ضرورت (سرديءَ جي حالت يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري) گرميءَ کي جسم ۾ جذب ڪري گرميءَ جي قدرتي مقرر پد (36.8) جو پورائو ڪري ٿي.
چمڙيءَ کانسواءِ ڪرنگهو spine به چمڙيءَ جي مدد سان گرميءَ جي پد کي قائم رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن دماغ جي واڌو گرميءَ جي ڪري نڪهري (Epistaxis) ايندي آهي ته ڪرنگھي تي ڪنڌ واري جاءِ وٽ ٿڌي پاڻيءَ جي لاٽ ڪرڻ سان نڪهري بند ٿي ويندي آهي.
2. عضون جو بچاءُ (Protection of Organs): انساني اندرين عضون جي بچاءَ واري نظام جو فعل چمڙيءَ جي ٻنهي تهن جي ذمي آهي. مٿين تهه جي فطري خاصيت جي ڪري هي تهه ٿلهو هئڻ ڪري ان اندر ڪنهن ٻاهرين شيءِ کي داخل ٿيڻ کان جھلڻ (Impermeability) جي خاصيت ۽ گھڻن سٿيل تهن (Stratified Epithelium) جي ڪري اندرين عضون کي نقصان کان بچائين ٿا؛ چمڙيءَ جو مٿيون تهه انهن خاصيتن جي ڪري زهريلن جيوڙن کي چمڙيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ نه ٿو ڏئي، نه ٻاهرئين پاڻيءَ کي جسم ۾ اندر داخل ٿيڻ ڏئي ٿو. چمڙيءَ جو مٿيون تهه پنهنجي هن خاصيت ڪري پاڻي نه چهندڙ Water Proof وارو ڪم ڏئي ٿو.
اهڙيءَ طرح چمڙيءَ جو هيٺيون تهه (Dermis Corium) سخت ۽ لچڪيدار هئڻ ۽ چرٻي وارن اوڄن ۽ ڪيترن ڌاڳيدار اوڄن جي ڪري به جسم جي مشڪن، رڳن ۽ رت جي ناڙين کي ڪنهن ٻاهرين ڌڪ لڳڻ ۽ زخم اچڻ کان بچائي ٿو. ان کان سواءِ چمڙيءَ جي وڏي ۾ وڏي بچاءَ واري خاصيت اها آهي ته مٿي تي گھڻي کان گھڻا وار پيدا ٿيڻ ڪري مٿي جي کل ۽ ڪيپراٽيءَ جو وڌ ۾ وڌ بچاءُ ٿئي ٿو، جيڪو ڪم چرٻي پيدا ڪرڻ وارا اوڄا چرٻيءَ واري لعاب (سڻڀ: Sebum) جي ڪري ڪري سگھندا آهن.
4. حس وارو (خابرو) فعل (Sensoury Function): چمڙي دماغ سان ٻارهن خاص تنتي سرشتن جي ٽن تنتي سرشتن هڪ حسي (خابرو) تنتي سرشتي جي تنتن (Sensory Nerves)، ٻيو حرڪي تنتي سرشتي جي تنتن (Motor Nerves) ۽ ٽيون گڏيل تنتي سرشتي جي تنتن (Mixed Nerves) وسيلي ڳنڍيل آهي. اهو ئي سبب اهي ته چمڙيءَ ۾ ڇهڻ، ٿڌ، گرمي ۽ سور جي احساس جو وڏو ۽ تڪڙو نظام جڙيل آهي. چمڙيءَ ۾ لاتعداد اهڙيون حسي (خابرو) جايون (Sensory Spots) موجود آهن، جيڪي مٿين ٽنهي قسم جي تنتي پڇڙين (Nerve Endings) جي ذريعي دماغ سان ڳنڍيل آهن. جيڪي دماغ کي ڇهڻ، ٿڌ، گرميءَ ۽ سور جي احساس جو اطلاع ڏينديون به آهن ۽ واپسيءَ ۾ دماغ کان گھربل بچاءُ وغيره جون هدايتون وٺنديون رهنديون آهن.
5. وٽامن ڊي جي صلاحيت جو ڪم (Vitamin D): وٽامن ڊي جا مکيه ٽي قسم آهن، هڪ قدرتي وٽامن ڊي (Natural Vitamin D) ٻيو وٽامن D2 (Calciferol) ۽ ٽيون وٽامن (Irradiated Ergosteral) D3. قدرتي وٽامن ڊي کي چمڙي سج جي روشني ۽ ٻين هٿرادو روشنين مان حاصل ڪندي آهي. مڙيءَ ۾ هڪ مادو ‘Dehydrocholestrol’ ٿئي ٿو، جيڪو هن مادي کي مڇي، مڇيءَ جي تيل، بيدي ۽ مکڻ مان قوت بخشي ٿو. قدرتي طرح سج جي روشني (گرمي) اس ۾ ڪم ڪار ڪندڙنماڻهن (مزدورن، ڪڙمين ۽ ڪاسبين) ۾ وٽان ڊي جو مقدار ڇانوَ ۾ ڪم ڪندڙن، ٿڌن ڪمرن ۽ ايئر ڪنڊيشن ۾ رهندڙن ۽ سمهندڙن ماڻهن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪيلشيم گرميءَ جو ترياق (توڙ: Antidote) آهي، جيڪو اس ۾ ڪم ڪندڙن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو.
وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جي گڏيل ڪارڪردگيءَ جي ڪري انساني جسم جي هڏن جي واڌ ويجھه ٿئي ٿي ۽ قوت ملي ٿي. جن ٻارن ۾ ٻنهي عنصرن جي گھٽتائي آهي (خاص ڪري وٽامن ڊي جي ته انهن ٻارن جي جسم جا هڏا ڪمزور، ڀرڻا ٿيندا آهن. وٽامن ڊيءَ جي گھٽتائي ڪري ننڍن ٻارن کي هڏن جي سوڪهڙي جي بيماري (Rickets) به ٿي پوندي آهي ۽ ڪيلشيم جي گھٽتائي ڪري ڪيترن ٻارن جا هڏا ڪمزور، نرم ٿي ويندا ۽ گھڻي زور اچڻ تي مڙي يا ٽٽي پوندا آهن. ٻارن جي سيني جو هڏو ٻاهر نڪري ايندو آهي، جنهن کي ڪبوتر واري ڇاتي (Pigeon Chest) چئبو آهي ۽ ائين ڪرنگھي جي هڏي نرم ۽ ڪمزور هجڻ ڪري مڙي (چٻي) ويندي آهي، جنهن کي ميڊيڪل سائنس ۾ ‘Curvature of Spine’ چيو ويندو آهي. ڪيلشيم جي گھٽتائيءَ ڪري ٻارن جا ڏند دير سان ڄمندا يا ٽيڏا ڄمندا آهن. يا انهن کي ماڪوڙي جلدي لڳندي آهي. وڏن ماڻهن ۾ هڏن جي جڳ مشهور بيماري هڏن جو سور (Osteo Arthrific) ٿيندي آهي. عورتن ۾ سنڌن ۽ چيلهه جو سور (ڪرنگھي جي هڏيءَ جي ڪمزوريءَ ڪري) ۽ عورتن ۾ ويم کانپوءِ هڏن جي ڀرڻ (ٽٽڻ) جي بيماري (Osteoprosis) جام ٿئي ٿي