
چناب ندي
چناب ندي (Chunab River): هيءَ ندي پنجاب جي پنجن ندين مان هڪ اهم ندي آهي، جيڪي سنڌو نديءَ جون شاخون (Tributaries) آهن، جيڪا هماليہ جبلن جي سلسلي مان نڪري ٿي. چناب جو مطلب ’چن‘ = چنڊ، ۽ ’آب‘ = پاڻي آهي. هيءَ ندي ڀارت جي هماچل پرديش رياست جي ضلعي لاهل ۽ اسپتي کان شروع ٿئي ٿي. جتي هن کي ’چندر ڀاگا‘ چيو وڃي ٿو. هيءَ ندي ڄمون ۽ ڪشمير مان گذرندي جڏهن پاڪستان ۾ پهچي ٿي تہ هن جي ويڪر وڌي وڃي ٿي. هن نديءَ جو پاڻي پاڪستان ۾ ’سنڌو طاس معاهدي‘ (Inuds Water Treaty) جي شرطن تحت پهچي ٿو. تريمون (ضلعو جهنگ، پنجاب) وٽ هن سان جھلم نديءَ بہ ملي ٿي. اڳتي هلي راوِي ۽ ستلج نديون بہ هن سان ملن ٿيون. چناب جي ڊيگهہ تقريباً 950 ميل آهي. مراله ۽ انڪيءَ واري هنڌ آبپاشيءَ لاءِ هن تي ٻہ بند ٺاهيا ويا آهن. جتان ٻہ واھہ ڪڍيا ويا آهن. هڪ لوئر چناب واھہ ۽ ٻيو اَپر چناب واھہ. انهن ٻنهي واهن جي پاڻيِءَ مان لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. پنجاب جو مشھور رومانوِي داستان ’سھڻي مهيوال‘ بہ هن نديءَ سان لاڳاپيل چيو وڃي ٿو. سنڌ ۽ پنجاب جي قصن ۾ درياهن ۽ ٽاڻن جو فرق آهي.