زينت چنا

زينت چنا

چنا زينت

چنا، زينت: ليکڪا زينت بيگم، 4 جنوري 1919ع ڌاري سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ محمد صالح چنا جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي سطح تي ورتائين. بعد ۾ امڙ جي خواهش تي ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ پڙهي. جتان امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ تي کيس ماستريءَ جو آرڊر ڏيئي، ٽلٽيءَ جي گرلز اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. ان بعد ترقي ڪندي، هوءَ سيوهڻ جي گرلز اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس طور فرض نڀايا ۽ مسلمان توڙي هندو ڇوڪرين کي تعليم جو چاھہ ڏياريو. زينت چنا لکڻ جو آغاز نوجوانيءَ ۾ ئي ڪيو. پهريان پنھنجي نالي بجاءِ ’شبنم‘ نالي سان مضمون لکي، اخبارن ۽ رسالن کي ڏيندي رهي. اڳتي هلي هيءَ سٺي ڪهاڻيڪاره ۽ مضمون نويس طور مشھور ٿي. صحافت سان بہ سندس تعلق رهيو. عبدالله خان چنا سان شادي ٿيس. ڪيترا مقالا، مضمون ۽ فيچر بہ لکيائين. ماهوار رسالي ’مارئيءَ‘ جي ڪافي سالن تائين ايڊيٽر رهي. سندس تصنيف يادگار لطيف (1958ع) لطيفيات جي موضوع تي ترتيب ڏنل آهي. زينت بيگم 12 جولاءِ 1974ع تي وفات ڪئي.  


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.01.04  عيسوي

ليکڪا زينت بيگم، 4 جنوري 1919ع ڌاري سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ محمد صالح چنا جي گهر ۾ جنم ورتو.


1974.07.12  عيسوي

زينت بيگم 12 جولاءِ 1974ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪيف غزنوي
حاجي عبدالله خان مومن
محمد احمد شاھ
ڀڳوان ڪپور
مير رسول بخش خان ٽالپر
پلي خانصاحب عطا محمد
اجيو ساڌ
راز عبدالخالق سومرو
آءِ ايڇ ٽانٽن
شرميلا فاروقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون