شبيران چنا

شبيران چنا

چنا شبيران

چنا، شبيران: سنڌ جي مشھور اداڪارا شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿي. سندس پيءَ جو نالو شاهنواز چنو آهي. هن جي تعليم انٽر آهي، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين. هيءَ 32 سال پرائمري استاد رهي، جنهن ۾ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ آئي. سندس پهريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو، جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو. هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس اداڪاريءَ جو انداز بلڪل منفرد آهي. ڪردار جي ادائگيءَ دوران هيءَ ان ۾ ايتري تہ ٻڏي ويندي آهي، جو ڪٿي بہ مصنوعيت جو گمان نہ ٿيندو آهي. کيس ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي. پوريءَ سنڌ ۾ سندس اداڪاريءَ کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو کيس اصل نالي بجاءِ ڊرامي واري نالي سان ياد ڪن ٿا. جيئن ’خيران‘، ’مرادان‘ وغيرہ. سندس ڪافي ڊائيلاگ بہ مشھور آهن. جيئن: ”خيران جي سر جو خير هجي“ وغيرہ. شبيران چنا ڪافي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو آهي، جن ۾: ’سنڌو ڪناري‘، ’پوتي ۽ پڳ‘، ’نصيب‘، ’خيران ڌاڙيل‘، ’خيران جو بدلو‘ ۽ ٻيون شامل آهن. هن 2005ع ۾ عمري جي سعادت بہ حاصل ڪئي آهي. سندس مڙس جو نالو محمد حسين آهي، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. کيس اولاد ۾ پنج نياڻيون: عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين آهن. عاليه چنا پڻ ٽي. وي جي مشھور ۽ ناليواري اداڪار آهي، جيڪا ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. شبيران چنا کي ٽي پٽ: ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.15  عيسوي

سنڌ جي مشهور اداڪارا شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضمير مرزا زرقي
پدن شرما
بلو سي راڻي
بلاول فقير نائچ
سيد صلاح الدين شاھہ
ڀٽو مشتاق علي خان
پير مانڪي شريف
پونم پاسڪل پرمار
جسونت سنگهہ ۽ جئسنگهہ
پراتڀا ديوِي سنگهہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون