چنا، شبير ’ناز‘

چنا، شبير ’ناز‘

چنا شبير ’ناز‘

چنا، شبير ’ناز‘: سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشھور شاعر، اديب، ناٽڪ نويس شبير احمد ناز ولد مولوي عبدالستار چني جو جنم 20 جون 1936ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، هن پرائمري تعليم شڪارپور جي هاٿي در محلي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم سي. اينڊ ايس ڪاليج مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو شروعات فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ فاريسٽ آفيسر طور ڪئي، ان کان پوءِ ’ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن‘ ۾ پروڊيوسر جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ڪيائين. هن تعليم حاصل ڪرڻ دوران لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس مضمون ۽ افسانا ڪاليج جي ميگزين ’پام‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا. چنا شبير ماهوار رسالي ’نئين زندگي‘ ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ گهڻو لکندو رهيو. سندس شايع ٿيل ناٽڪ ادب ۾ وڏي اهميت جا حامل آهن، جن ۾: (1) ’دريا خان‘، (1965ع)، (2) ’سڃا سيج پلنگ‘ (1967ع)، (3) ’دلين ديپ جلايا‘ (1973ع)، (4) ’دلڙي ڪشل‘، (5) ’راز‘ ۽ (6) ’رمندا بادل‘ (1974ع) شايع ٿيل آهن. سندس مشھور ناٽڪ ’دريا خان‘ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي نصاب ۾ بہ شامل آهي.
شبير چنا ’ناز‘، 3 جولاءِ 2007ع تي وفات ڪئي.


لفظ چنا شبير ’ناز‘ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.06.20  عيسوي

مشهور شاعر، اديب، ناٽڪ نويس شبير احمد ناز ولد مولوي عبدالستار چني جو جنم 20 جون 1936ع تي شڪارپور ۾ ٿيو،


2007.07.03  عيسوي

شبير چنا ’ناز‘، 3 جولاءِ 2007ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪيرت ٻاٻاڻي
علي اظهار
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
آفتاب ابڙو
سيد محسن علي شاھہ بخاري
عبداللطيف مھر
پنجواڻي رام پروفيسر
حميد ڀٽو
اڪرم قمبراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون