چنا، محبوب علي سيوهاڻي

چنا، محبوب علي سيوهاڻي

چنا محبوب علي سيوهاڻي

چنا، محبوب علي سيوهاڻي: سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر، پروفيسر محبوب علي چنا، محمد صالح چنا جي گهر ۾ 12 مارچ 1922ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، جتان هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ڊي. جي. ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي جو امتحان ڏئي بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، دڪشا فيلوشپ ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. بي. ٽي ۽ ايس. ٽي. سي جو امتحان بہ پاس ڪيائين. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ استاد جي حيثيت سان 1942ع ۾ ميونسپل مڊل اسڪول سيوهڻ کان ڪيو، ان کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. 1948ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن هالا ۾ سروري ڪاليج جو بنياد وڌو، جنهن جو هيءُ پرنسپال ٿي رهيو. هيءُ 1953ع کان 1955ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي عربي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر منتخب ٿيو. ڪجهہ عرصي لاءِ هو گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ پرنسپال ٿي رهيو. ان بعد سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال ٿيو. هيءُ 1973ع کان 1975ع تائين پهريون سنڌي هو، جيڪو سيڪريٽري نيشنل بوڪ ڪائونسل اسلام آباد مقرر ٿيو.
پروفيسر محبوب علي چنا ڪيترن ڪتابن جو مصنف، مؤلف ۽ مرتب هو. سندس مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’سيوهاڻي بادشاھہ‘، (2) ’حضرت عثمان مرونديءَ تي هڪ تحقيقي جائزو‘، (1972ع)، (3) ’اسلامي تاريخ‘، (4) ’هڪ شخص ٻہ پهلو‘، (5) ’سنڌي ادب جا جديد رحجانات‘، ۽ (6) ’حضرت نوح جا همعصر ۽ سهيوڳي‘ قابل ذڪر آهن. سنڌالاجي جي تحقيقي لائبريريءَ ۾ سندس نالي سان 17 آڪٽوبر 1981ع تي هڪ ڪارنر قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس گڏ ڪيل سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن.
محبوب علي چنا ’فردوس‘ رسالي (هالا) جو ايڊيٽر، انجمن فروغ ادب هالا جو سرپرست، سنڌي ادبي بورڊ، شاھہ لطيف ڪلچرل ڪائونسل ۽ شھباز ڪلچرل ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو.
هن 24 نومبر 1977 تي، مڪي (عربستان) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.03.12  عيسوي

سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر، پروفيسر محبوب علي چنا، محمد صالح چنا جي گهر ۾ 12 مارچ 1922ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو.


1977.11.24  عيسوي

هن 24 نومبر 1977 تي، مڪي (عربستان) ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله ميمڻ خليفو
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
رستم ۽ سهراب1
تارڙ مستنصرحسين
عشرت العباد
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
جعفري غلام حسين
غلام مجدد اسراڻ
خانبهادر عظيم خان دراني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون